کڏڙو لڳ خوفناڪ حادثو 11 فوت 20 کان مٿي زخمي

شاهپورچاڪر(آصف علي) شاهپور چاڪر ڀرسان خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. فوتين ۽ زخمين ۾ مرد، ٻار ۽ عورتون شامل آهن. کڏڙو ڀرسان تيز رفتار مسافر بس ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ چنگچي رڪشا ڊرائيور سوڌو 7 ماڻهو موقعي تي فوت ٿيا جڏهن ته 3 ماڻهو اسپتال ويندي فوت ٿيا. کڏڙي ۽ شاهپورچاڪر ۾ صحت جي سهولت نه هئڻ ڪري زخمين کي نوابشاهه ۽ سانگهڙ اسپتالن ۾ موڪليو ويو آهي. چنگچي رڪشا ۾ کوکر برادري جي هڪ ئي خاندان جا مرد، ٻار ۽ عورتون سوار هئا. جڏهن ته رڪشا ڊرائيور خاصخيلي هو. اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون حادثي واري هنڌ پهتيون. ريسڪيو آپريشن دوران ڪلٽي ٿيل بس کي ڪٽڻ بعد زخمين کي ٻاهر ڪڍيو ويو. موقعي تي بس مسافرن مان ڪو به فوت نه ٿيو هو. رڪشا ۾ سوار مسافر کڏڙي کان شاهپور چاڪر وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. عيني شاهدن موجب بس تيزرفتاري سبب سامهون ايندڙ رڪشا تي چڙهي وئي، بس ڪافي پراڻي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو