کپرو واسي مزدور ٽنڊو الهيار ۾ روڊ حادثي سبب فوت

ٽنڊو الهيار/ کپرو(نمائندن وٽان) ٽنڊو الهيار لڳ ڀاڄين سان ڀريل اوور لوڊ مزدا موٽرسائڪل مٿان ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ کپرو واسي ٽي مزدور ڳوڻين هيٺان دٻجي فوت ٿي ويا.  فوت ٿيل مزدور کپرو لڳ هڏا موري واسي ٻه سڳا ڀائر صالُو۽ سيتل، سندن ڀائيٽو آسو ڀيل موقعي تي فوت ٿي ويا. خبر ٻڌڻ سان علائقي ۾ ڏُک جي لھر ڇائنجي وئي ۽ متاثرن جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو. ٽئي فوتي ٽنڊو الهيار لڳ ڳوٺ ٽنڊو سومرو ۾ مائٽن جي دعوت کائي واپس وڃي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا. مزدا جو ڊرائيور گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو، پوليس مزدا پنهنجي تحويل ۾ ورتي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو