کيمناٿ يوگيسر جو 78هون ساليانو ميلو شروع ٿي ويو

ميرپورخاص (سيدبشيرشاھ)پي پي پي، ايم اين اي مير منور ٽالپر۽ ايم پي اي مير طارق ٽالپرکيمناٿ يوگيسر جي ميلي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. 78هون ساليانو ٽن ڏينهن وارو  ميلو شروع ٿي ويو آهي. جنهن بعد گيتا جو پاٺ ۽ آرتي لاھڻ جي رسم پڻ ڪئي  وئي جڏهن ته ست سنگ ٽي ڏينهن جاري رهندو . ميلو گهمڻ لاءِ ميرپورخاص، مٺي، بدين، عمرڪوٽ سميت سنڌ جي مختلف شھرن کان مرد، عورتن ۽ معصوم ٻارن ياترين جي آمد جو سلسلو جاري آھي. جڏهن ته لنگر جو پڻ خاص انتظام ڪيو ويو آھي کيمناٿ جي مندر طرف ايندڙ ويندڙ رستن کي لائٽنگ سان سجائي مختلف شين جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آھن. جڏهن ته پوليس طرفان سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آھن ميلي جي افتتاح بعد ايم پي اي ميرطارق خان ٽالپر،ايم اين اي مير منور ٽالپر ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو ان موقعي تي هنن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هندو برادري پوري پاڪستان ۾ پنهنجا مذھبي تهوار مڪمل آزادي سان ملهائي رهي آھي پاڪستان جي آئين موجب کين مڪمل مذھبي آزادي حاصل آھي پيپلز پارٽي سندن تحفظ جي مڪمل ضامن آھي. ان موقعي تي راجا رام مالهي، زنو خان نوحاڻي، غلام الله جروار، دليپ ڪمار جيواڻي، فقير راڻو مالهي ۽ ٻيا موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو