کوسا موري وٽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر سبب نوجوان فوت

مريدشاخ/ ڪشمور(رياض احمد ميراڻي/ جي ايم کوسو) ڪشمور ٿاڻي جي حد کوسا موري پمپ وٽ ھڪ افسوس ناڪ حادثو پيش آيو آھي. ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي ڪري موٽرسائيڪل سوار ڪشمور واسي نوجوان غلام قادر پٽ شير دل ٽرالر جي ھيٺيان اچي چٻاٽجي فوت ٿي ويو آھي. لاش پوليس ڪاروائي جي ڪري ھڪ ڪلاڪ تائين روڊ تي پيل رھيو. جنهن بعد پوليس لاش اسپتال کڻائي آئي.

لاش کڻڻ لاءِ آيل ايمبولينس کي ڌڪي ڌڪي ماڻهوڳن ساڻا ٿي پيا. فوٽو جي ايم کوسو

جڏھن ته موٽرسائيڪل سوار ٻن ڄڻن کي معمولي زخمي ٿيڻ بعد ڪشمور ۾ ھڪ خانگي اسپتال ۾ علاج ٿيڻ بعد فارغ ڪيو ويو جڏھن ته ڪشمور پوليس ٽرالر کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ڊرائيور ٽرالر ڇڏي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو

پهنجو تبصرو موڪليو