کنڊ اسڪينڊل، ترين، خسرو، مونس ۽ حمزه کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) کنڊ اسڪينڊل جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي ۽ نيب پاران ڌار ڌار جاڄ لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن. ايف آءِ اي کنڊ اسڪينڊل ۾ ملوث 3 وڏين شگر ملز مالڪن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. جن ۾ جهانگير خان ترين جي، جي ڊي شگر ملز، ّسرو بختيار ۽ مونس الاهي جي آر واءِ ڪي گروپ جي الائنس شگر ملز ۽ حمزه شهباز جي العريبيه شگر ملز شامل آهن. هنن ملز تي 20 ارب روپين جي مالي بي ضابطگين ۽ ڏوهن جو الزام آهي. ڊي جي ايف آءِ اي واجد ضياءَ گڏيل جاچ ٽيم جوڙي آهي جنهن جو سربراهه ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ڊاڪٽر رضوان آهي. ياد رهي ته شگر ملز خلاف جاچ رپورٽ سامهون اچڻ بعد 23 جون تي وفاقي ڪابينا ڪاروائي جي منظوري ڏني هئي. جنهن بعد وزيراعظم جي مشير شهزاد اڪبر پاران ڪاروائي لاءِ ايف آءِ اي ۽ چئني صوبن کي خط لکيو ويو هو. جاچ رپورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير خان ترين جو شگر اسڪينڊل ۾ سڀ کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪندڙ طور نالو اچڻ بعد پٽ سميت لنڊن هليو ويو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هو نوٽيس تي پيش نه ٿيو ته پرڏيهه مان ڪنهن به ملزم کي گهرائڻ واري قانون هيٺ ڪاروائي شروع ڪئي ويندي. سنڌيار هي خبر پهرين آگسٽ تي شايع ڪئي هئي ته عيد کانپوءِ ڪاروائي ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جڏهن ايف آءِ اي اڳ ۾ ئي جاچ ڪري ذميواري فڪس ڪري چڪو آهي ته ان بعد ڪيس داخل ڪرڻ بدران ٻيهر جاچ ڪري معاملي کي اينگهايو پيو وڃي. ڊان اخبار جي خبر موجب نيب پاران به ان ڏس ۾ هڪ ڪمبائينڊ انويسٽيگيشن ٽيم عرفان منگي جي سربراهي ۾ جوڙي وئي آهي. هڪ ئي معاملي تي ٻن ادارن جون ڌار ڌار ٽيمون جوڙڻ حيران ڪن آهي. عرفان منگي پاناما ڪيس ۽ جعلي اڪائونٽس جاچ ۾ به شامل هو جنهن بعد ميان نواز شريف کي ناهل قرار ڏنو ويو ۽ آصف علي زرداري خلاف ڪيس هلندڙ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو