کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن جي بازيابي لاءِ احتجاج

نواب شاھ (اي ڪي ڏاھري) کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن نواب علي مهر جي وارثن ۽ ساٿين پاران سندس بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو. کنڀيل ڪارڪن جي ڀائرن حميد مھر ،نعيم مھر ،محمد علي مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪافي تعداد ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارڙن پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته پنج ڏينھن اڳ سڪرنڊ بائي پاس تي سيڪيورٽي ادارن پاران قومي ڪارڪن علي احمد مھر سميت چار ڄڻن کي کنڀي گم ڪيو هو. بعد ۾ مٿن سخت تشدد ڪري ٽن ڄڻن کي آزاد ڪيو ويو آهي جڏھن ته علي احمد مھر کي نامعلوم جڳهه تي رکيو ويو آهي ۽ گرفتاري ظاھر ناھي ڪئي وئي. هنن خدشو ظاهر ڪيو ته اسانکي ڊپ آهي ته ڪٿي هن کي رياستي ادارا قتل نه ڪري ڇڏين. اسان اقوام متحده سميت انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي نوجوان خلاف ڪو به ڪيس يا غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جو ڪو ثبوت آهي ته ان کي قانون جي ڪٽھري ۾ آندو وڃي. هنن چتاءُ ڏنو ته جبر طور لاپته ڪيل نواب مهر جي گرفتاري ظاھر نه ڪئي وئي ته پوري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو