خيرپور (سجاد علي ڪٻر) سنڌ مان جبري کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن جي بازيابيءَ لاءِ وارث عورتن ، مردن ۽ وائيس آف مسنگ پرسن پاران جادو شاهه موڙ کان ريلي ڪڍي سشن ڪورت خيرپور آڏو مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي تاج جويو ،ايڊوڪيٽ فياض خميساڻي ، ڊاڪٽر نظير کوکر، ماروي ڪانڌڙو، مسمات عائشه ،حسينه ، فقير ذوالفقار اڄڻ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن جي هٿن ۾ جبري گم ڪيل ماڻهن جون تصويرون ، ۽ پلي ڪارڊ هيا، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ماڻهن کي ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ ،جائز حقن جي حاصلات لاءِ ڪيل جدوجهد جي ڏوهه ۾ زبردستي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي ڪو به قانون اجازت نٿو ڏئي،هنن چيو ته جبري کنڀي گم ڪيلن مٿان اگر ڪنهن ڏوهه جو الزام آهي ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، هنن چيو ته ايوب ڪانڌڙو کي کنڀي گم ڪرڻ کي 4 سال 2 مهينه گذرڻ باوجود بازياب ناهي ٿي سگهيو، سندس پٽ سجاد ڪانڌڙو پيءُ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته ڇا پنهنجي حقن لاءِ پر امن احتجاج ڪرڻ ڪو ڏوهه آهي ته پوءِ اسان کي به گرفتار ڪيو وڃي،
ميزائيل پرزن جي سپلائي، آمريڪا جي 4 ڪمپنين تي پابندي
ٽيڪس وصولي ۾ ناڪامي، وڏي وزير جي سخت ڪاوڙ
جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت
ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟
علامه اقبال ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي
بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا
يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم