کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ احتجاجي ڪيمپ قائم

نوابشاهه(اي ڪي ڏاھري)جسقم ضلعي نوابشاهه جي سڏ تي جبري طور کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ۽ عام شھرين جي آزاديءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، بک ھڙتالي ڪيمپ تي جبري طور کنڀي گم ڪيل سنڌي نوجوانن جي آزادي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي، انھيءَ موقعي تي بک ھڙتالي ڪيمپ تي موجود ڪارڪنن کي خطاب ڪندي جسقم جي ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي، سرفراز ميمڻ،هاشم لغاري، منير ابڙو، سيد ناصر شاهه، ڪاشف لاکو ۽ ٻين چيو ته رات جي پيٽ ۾ جبري طور کنڀي گم ڪيلن کي جلد کان جلد آزاد ڪري انھن جي خاندان مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، ھنن چيو ته نوجوانن جو اگر ڪو ڏوھه آھي ته انھن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، ھنن چيو ته ڏيڍ سال رياست جو تشدد برداشت ڪرڻ کانپوءِ 19 سالن جو معصوم نوجوان عاقب چانڊيو آزاد ٿيو جنھن کي ٻيو ڀيرو اسر ويل ڪراچي مان ڌاڙيلن وانگر چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري ڀينرن ۽ گھرواريءَ کي رتو رت ڪري کنڀي گم ڪيو ويو، ھنن چيو ته عاقب چانڊيو جي پيرسن ماءُ سميت سڀني جون مائرون بيحال آھن ۽ پريس ڪلبن تي احتجاج ڪري رھيون آھن ليڪن انھن جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، انھيءَ موقعي تي اڳواڻن عالمي انساني حقن جي تنظيمن، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ، ھيومن رائيٽس ڪميشن ۽ ٻين انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل سنڌي نوجوانن جي آزادي لاءِ  قدم کڻن ته جيئن اھي پنھنجي گھر ڀاتين سان ملي سگھن.

پهنجو تبصرو موڪليو