کنڀيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاجي مارچ

نوشهرو فيروز(اسد خادم عمراڻي)وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ، سنڌ سجاڳي فورم ۽ سول سوسائٽي مورو پاران سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن جي آزاديء لاءِ دادو مورو باءِ پاس کان پريس ڪلب مورو تائين وي ايم پي سنڌ جي ڪنوينر سورٺ لوھار، قومي دانشور تاج جويي، سسئي لوھار، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سارنگ جويي، مرڪزي فنانس سيڪريٽري سھڻي جويو، جسقم آريسر جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سرمد ميراڻي، غلام نبي گھانگھرو، شاھنواز ڀٽي، خادم چانڊيو، ملوڪ کوسو، جيئي سنڌ  تحريڪ صفدر سرڪي جي مرڪزي اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي، مختيار سومرو،  عوامي ورڪرز پارٽي جي يونس راھو، امير لغاري، شاويز جاويد، پ ٽ الف جي مختيار شاھ، شفيع محمد شاھ، مٺياڻي يوٿ ڪاميٽي جي فراز مستوئي، ڪنڊيارو نوجوان اتحاد جي سرمد آزاد، سنڌي ادبي سنگت جي اسد سولنگي، علي خان لغاري، اسلم لغاري، اظفر ميمڻ، نذير احمد ميمڻ، راشد مورائي يادگار ڪاميٽي جي لطيف راشد، جي ايم سيد راشد، کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن عاقب چانڊيو جي ڀيڻ شازيه چانڊيو، انصاف دايو جي ڀيڻن اقصيٰ دايو ۽ افسانه دايو، شيراز ۽ فراز جي ماءُ رحمت خاتون، عزيز چانگ جي ماءُ عائشه، ايوب ڪانڌڙي جي ڌيءُ مارئي، پُٽ شاھد ڪانڌڙو، رياض خاصخيلي جي زال صنم خاصخيلي، امتياز خاصخيلي جي ماءُ شرمان خاتون ڀيڻن ناھيدہ ۽ سويرا، غلام رسول شر ۽ بشير جي والد عبدالرزاق شر، جسم رياض جي، جي ايم ساقي، پريس ڪلب دادو جي صدر صابر ڀنڊ ۽ پريس ڪلب نوشھروفيروز جي گل مورو، قاضي ذوالفقار زائر، ظفر ٽڳڙ، يوسف منگي، مورو پريس ڪلب جي صدر محمد سومر سولنگي، سينيئر نائب صدر اختر لغاري،  جنرل سيڪريٽري نواب اصغر ڪورائي، وحيد رزاق مستوئي سنڌ سڀا جي ڊاڪٽر نذير کوکر، سنڌ ساگر پارٽي جي اڳواڻ مولانا عزيزالله ٻوھيو، مورو تعلقي بار جي اڳواڻن وڪيل قادر ڪورائي، امين الدين خاصخيلي، شاھپور جھانيان پريس ڪلب جي ظفرالله ٻُگھيو جي اڳواڻيءَ ۾ 3 ڪلو ميٽر احتجاجي مارچ ڪيو ويو، مارچ ۾ شامل ماڻھن جي ھٿ ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ تصويرون ھيون، جيڪي کنڀيل قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ پُر زور نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان دوران کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جي وارثن سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن ڪارڪنن، سول سوسائٽي جي ڪارڪنن ۽ ٻارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ريلي مختلف رستن کان ٿيندي مورو پريس ڪلب اڳيان پھتي جتي ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته، ” سنڌ مان ھن وقت به اندازي موجب 50 کن سنڌي سياسي سماجي ڪارڪن ۽ 400 کن اردو ڳالھائيندڙ ۽ شيعا تنظيم سان لاڳاپيل ماڻھو کنڀي گم ڪيل آھن، اسان سمجھون ٿا ته ھيءَ رياست ۽ ان جا ادارا اھو جيڪو عمل ڪن ٿا، سندن اھو عمل نه صرف سندن ٺاھيل قانون ۽ آئين جي سنگين ڀڃڪڙي آھي پر سندن اھو ڪُڌو عمل عالمي انساني حقن جي پڌرنامي جي پڻ سنگين ڀڃڪڙي ۽ اعليٰ عدالتن ۽ انساني حقن جي پڌرنامي جي توھين آھي. اسان انساني حقن جي تنظيمن ايمنسٽي انٽرنيشنل، ايشين ھيومن رائيٽس، ۽ عالمي ضمير کي اپيل ٿا ڪريون ته ھن سنگين مسئلي تي ھن رياست جي ادارن تي دٻاءُ وجھي انساني حقن جي پڌرنامي تي عمل ڪرائيندي سمورن کنڀي گم ڪيل سياسي سماجي ڪارڪنن کي آزاد ڪرايو وڃي،  جيڪڏھن ادارن جي نظر ۾ ڪنھن تي ڪو به ڏوھ آھي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. اسان جي ھيءَ جدوجھد آخري فرد جي آزاديءَ تائين جاري رھندي، ۽ ايندڙ مسنگ پرسنس جي آزادي لاءِ مارچ لاڙڪاڻي شھر ۾ ڪيو ويندو، جنھن جي تاريخ سوشل ميڊيا تي انائونس ڪئي ويندي. ان موقعي تي گدا خاصخيلي مسنگ پرسنس تي نظم ٻُڌايو، عادل لغاري، عامر مڱڻھار، اجالا سنڌو ۽ سنڌو لغاري قومي گيت ٻُڌايا. جڏھن ته سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جي وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن ۾ سنڌ سجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻن ياسين جھلڻ، زاھد کوسي، جساف اڳواڻن امير باغي، وحيد سنڌي، سماجي اڳواڻ تابش بخاري، نياز پنھور، سجاد ظھير سولنگي، رکيل مورائي، فھد رضا ميمڻ، ۽ ٻين سوين ماڻھن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو