کنڀيل ڊاڪٽر جو والد بستري ڀيڙو، انصاف جي اپيل

ٽنڊو باگو(رپورٽ: ڄام سھيل سمون)کنڀي گم ڪيل ويٽرنري آفيسر ڊاڪٽر آيت الله جروار بازياب نـ ٿي سگهيو سندس والد پٽ جي جدائي ۾ بي حال ٿي بستري داخل ٿي ويو آهي. 16 جون 2020ع جي رات جو 1 وڳي وارڊ نمبر هڪ مان ڊاڪٽر آيت الله جروار جي سندس ذاتي گهر تي پوليس رينجرس ۽ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار گهيرو ڪري گهر ۾ ٽپي چادر ۽ چئو ديواري جو تقدس پائمال ڪندي سندس گهر ڀاتين ۽ سندس معصوم ٻارن جي اڳيان سخت تشدد جو نشانو بڻائيندي اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو. ڊاڪٽر آيت الله جروار جنهن هڪ سال اڳ ۾ ٽاپ پوزيشن تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪيو ان بعد سنڌ حڪومت جي لائيو اسٽاڪ کاتي پاران کيس ٽنڊو باگو ۾ 17 هين گريڊ ۾ ويٽرنري آفيسر مقرر ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر آيت الله جروار جي جبري گمشدگي خلاف ويٽرنري ڊاڪٽرن جي تنظيمن سخت احتجاج ڪيو ان سان گڏ ڊاڪٽر آيت الله جروار جي فيملي پڻ سخت احتجاج ڪيو پر ان هوندي اڄ ڏينهن تائين سرڪاري آفيسر جو پتو نـ آهي تـ ڪٿي آهي؟ ۽ ڪهڙي حال ۾ آهي ڊاڪٽر آيت الله جروار جو والد 70 سالن جو پيرسن شفيع محمد جروار  پنهنجي پٽ جي جبري گمشدگي ۽ جدائي ۾ بي حال ٿي بيمار ٿي بستري داخل ٿي ويو آهي.

Photo Sindhyar

جتي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو تـ منهنجي پٽ کي بي گناه ذاتي دشمني تحت ڪوڙا الزام لڳائي کنڀائي گم ڪيو ويو آهي هن چيو تـ منهنجي پٽ کي کنڀي گم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ٽنڊو غلام علي ٿاڻي جي حد جي دمبالو  پوليس پوسٽ جي انچارج عبدالخالق جروار جو آهي جيڪو گذريل 15 سالن کان دمبالو پوليس پوسٽ تي چوڪي انچارج مقرر آهي هن چيو تـ عبدالخالق جروار هر ٻئي يا ٽئين ڏينهن اسان کي پوليس موبائل ۾ اچي ڌمڪيون ڏيندو آهي تـ سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ داخل ڪيل پٽيشن تان هٿ کڻو ٻي صورت ۾ جاني ۽ مالي نقصان جي لاءِ تيار رهو هن روئيندي چيو تـ عبدالخالق جروار اڳ ۾ ئي ڪيترائي ڪوڙا پوليس مقابلا ڄاڻائي بي گناه ماڻهن کي مارائي ۽ هاف فرائي ڪرايو آهي۔ عبدالخالق جروار جا ڏوهاري ماڻهن سان تعلقات آهن انهن جي معرفت ڏوهه ڪرائيندو آهي ماڻهو اغوا ڪرائيندو آهي هن چيو تـ عبدالخالق جروار مان منهنجي پٽن جي جان کي سخت خطرو آهي هن آءِ جي سنڌ پوليس ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو تـ مون کي ۽ منهنجي پٽن کي تحفظ فراهم ڪري منهنجي جبري طور گم ڪيل پٽ ڊاڪٽر آيت الله جروار کي باحفاظت بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ آئون بيماري جي حالت ۾ بدين پريس ڪلب ۽ ايوان صحافت بدين جي اڳيان مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي ويهندس. ڊاڪٽر آيت الله جروار کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف سندس وڏي ڀاءُ اسدالله جروار سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ مشهور وڪيل ايڊوڪيٽ مير مڱريو معرفت آئيني پٽيشن نمبر 608  پڻ داخل ڪرائي آهي جيڪا عدالت سڳوري ۾ زير سماعت آهي. ڊاڪٽر آيت الله جروار جي ڀاءُ اسدا لله جروار صحافين کي ٻڌايو تـ منهنجي ڀاءُ کي بي گناه کنڀي گم ڪيو ويو آهي هن چيو تـ منهنجي ڀاءُ جو نـ ڪنهن سياسي پارٽي سان ڪو تعلق هو ۽ نـ ئي ڪنهن مذهبي تنظيم سان ڪو تعلق هو هن چيو تـ مون کي پٽيشن تان هٿ کڻائڻ جي لاءِ پوليس ڌمڪائي رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو