کنڀيل نوجوانن جي وارثن جا پکو ۽ نوشهرو ۾ مظاهرا

ڪراچي(نمائندن وٽان) رياستي ادارن پاران نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف پکو ۽ نوشهروفيروز ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ڪنڊيارو واسي نوجوان کي فٽبال راند کيڏندي ويگو گاڏي ۾ سادن ڪپڙن وارا هٿيار بند اغوا ڪري ويا هئا. جڏهن ته پکو مان پوليس ڳوٺ الله رکيو جوڻيجو واسي ٽن نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو آهي ۽ سندن گرفتاري ڪٿي به ظاهر ناهي ڪئي. نوشهرو فيروز مان مشتاق حسين مري موجب ڪنڊياري واسي کنڀيل نوجوان جي وارثن ايڌي سينٽر کان پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ وسيم احمد، ايڊوڪيٽ ڪامران، مجيب اڄڻ، منور علي ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ڪاري رنگ جي ويگو گاڏي ۾ هڪ ڄڻو وردي ۾ ۽ ٻيا سادن ڪپڙا پهريل اهلڪار ڪنڊيارو جي فٽ بال گرائونڊ ۾ راند کيڏندڙ نوجوان عمران خان ڪليري کي زبردستي ڊوڙائي ڊوڙائي کنڀي کڻي ويا جڏهن ته گرائونڊ ۾ موجود ٻين رانديگرن مزاحمت ڪئي تي انهن تي پڻ هٿيار سڌا ڪيا ويا. هنن چيو ته جيڪڏهن اسان جي نوجوان مٿان ڪو ڪيس داخل آهي ته ان کي ملڪ جي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي باقي دهشتگردن وانگر کنڀڻ ڪٿان جو انصاف آهي. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ حڪومت سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته زبردستي کنڀيل نوجوان عمران خان ڪليري کي بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا ۽ سڀاڻي کان نوجوان جي والدين پاران بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي ويندي.***پکو  مان عبدالوحيد ميو موجب پريس ڪلب اڳيان ڳوٺ الھرکيو جوڻيجو جي خشڪ برادري جي ماڻھن مبينا طور پوليس پاران کنڀي گم ڪيل ٽن نوجوانن فياض , عبدالرشيد ۽ امتياز خشڪ  جي بازيابي لاءِ بينر کڻي احتجاج ڪيو . ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن اشفاق خشڪ , ياسر علي , مھتاب , سليم احمد ۽ عطا حسين خشڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته هڪ ھفتو اڳ اسان جا ٽي نوجوان قمبر ڪورٽ حاضري تي وڃي رھيا ھئا ته قمبر پوليس مخالفن کان ڳري رشوت وٺي رستا روڪ ڪري موبائل ۾ کين کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي.

Photo Sindhyar

اھڙي دانھن اسان قمبر جي ايس ايس پي کي پڻ ڏني پر ان به ڪو تدارڪ ناھي ڪيو . ڳوٺاڻن الزام هنيو ته ايس ايڇ او صدورو لاشاري اسان جي ڳوٺ جي مخالفن کان لکين روپيه رشوت وٺي اسان جي نوجوانن کي گم ڪيو آھي جڏھن ته ٿاڻي تي ڪيس درج ڪرائڻ وياسين ته ھُن ڪيس داخل ڪرڻ کان به انڪار ڪندي داٻا ڏئي ٿاڻي مان ڪڍي ڇڏيو ته توھان ڪوڙو ڊرامو ڪري رھيا آھيو . اسان گذريل ھڪ ھفتي کان پوليس جي اختيارين جي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون ضلعي جي ڪنھن به ٿاڻي تي نوجوانن جي گرفتاري ظاھر ناھي ڪئي وئي نه ڪجهه ٻڌايو وڃي ٿو . اسان غريب ۽ مسڪين آھيون اسان جا کنڀيل نوجوان پورھيت ھئا جيڪي مزدوري ڪري پنھنجن ٻچن جو پيٽ پاليندا ھئا , نوجوانن جي کنڀجڻ تي اسان جي گھرن ۾ ماتم متل آھي ۽  خدشو آھي ته پوليس اسان جي نوجوانن کي ڪوڙن مقابلن ۾ ھاف فراءِ ۽ فل فراءِ ڪري ماري ڇڏيندي , آخر ۾ ڳوٺاڻن آء جي سنڌ , ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر کان مطالبو ڪيو ته گم ٿيل ٽن نوجوانن کي ظاھر ڪري آزاد ڪيو وڃي ۽ معامري جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو