کنڀيل قومي ڪارڪن جي بازيابي لاءِ احتجاج جاري

سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ)جسقم تعلقه سڪرنڊ پاران جبري گمشدگين ، بغير سرچ وارنٽ جي قومي ڪارڪنن جي گهرن تي چڙھاين ۽ تلاشين ۽ سيد مسرور شاھ جي مبينا قتل خلاف صحافي قاضي سرفراز چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو . ڌرڻي جي اڳواڻي جسقم تعلقه سڪرنڊ جو صدر مسعود شاه ، مورڙو مير بحر ، راڻو جلباڻي ۽ علي محمد رند ۽ سول سوسائيٽي جو مجيد عباسي ڪري رهيا هئا . ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قومي ڪارڪنن ، اديبن ۽ صحافين کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي ۽ سندن گهرن تي بغير سرچ وارنٽ جي چڙھايون ڪيون پيون وڃن، چادر ۽ چوديواريء جو تقدس پائمال ڪيو پيو وڃي . هنن چيو ته  ڪجھ ڏيهن اڳ۾ مسرور شاه جي گهر تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران چڙھائي ڪئي وئي ۽ مسرور شاه کي سخت تشدد جو نشانو بنايو ويو ۽ ان تشدد جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو . هنن مطالبو ڪندي چيو ته مسرور شاه جي  قاتلن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي ، جيڪي قومي ڪارڪن ، اديب  ۽ صحافي کنڀي گم ڪيا ويا آهن ، انهن کي آزاد ڪيو وڃي ، پر جيڪڏھن اهي ڪنهن ڏوھ ۾ ملوث آهن ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ بنا جواز گهرن تي چڙھايون بند ڪيون وڃن . هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏھن اعلٰى اختيارين انهن معاملن جو نوٽيس نه ورتو ته احتجاج جي دائري کي وڌايو ويندو .

پهنجو تبصرو موڪليو