کنڀيل جساف ۽ جسقم ڪارڪن ساٿين سميت قومي ڌارا ۾ شامل

ڪراچي(ڊيسڪ رپورٽ) نوشهروفيروز ضلعي جي کنڀجي ويل جسقم ۽ جساف جي ڪارڪنن پاڪستاني جهنڊا هٿن ۾ کڻي قومپرست پارٽي تان استعيفيٰ ڏئي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. انهي سلسلي ۾ جسقم ضلعي صدر امام بخش عمراڻي، جساف ضلعي نوشهرو فيروز جي صدرعاشر راڄپر۽ درياهه خان مري جي ٻين ڪارڪنن زاهد عمراڻي، عبدالهادي عمراڻي، ذاڪر حسين عمراڻي، عبدالجبار وڳڻ ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان پنهنجي حياتي جا قيمتي ڏهاڙا قومپرست پارٽي ۾ رهي ڪري فضول وقت گذاريو ۽ اسان جو مرڻ جيئڻ هاڻي پاڪستان سان آهي ۽ اسان جو پاسپورٽ، شناختي ڪارڊ اسان جي سڃاڻپ پاڪستان آهي ۽ اسان اڄ کان پوءِ ڪنهن به قومپرست پارٽي سان گڏ ڪم نه ڪنداسين.  ياد رهي ته پاڪستاني هجڻ جو اعلن ڪندڙن مان ڪجهه اڳواڻن اربع تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته ڪجهه ماڻهو پاڻ کي قومي ادارن سان لاڳاپيل هئڻ جو ڄاڻائي کين تنگ پيا ڪن، ڀتو ٿا گهرن. هنن قومي ادارن کان مطالبو ڪيو هو ته انهن بابت جاچ ڪئي وڃي. سندن پريس ڪانفرنس جي ڪجهه دير بعد گهرن تي پوليس ۽ رينجرز ڇاپا هڻي کين گرفتار ڪري ورتو هو. خميس ڏينهن انهن نه صرف قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو پر قومپرست سياست کان توبهه ڪرڻ جو اعلان به ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو