کنڀيل استاد جي وارثن جو احتجاج، آزادي جي اپيل

ٽنڊوباگو(رپورٽ: ڄام سھيل سمون)بدين مان ٽي سال اڳ کنڀي گم ڪيل استاد  شادي خان سومرو جو پتو نه پيو. سندس پيرسن پيءُ. پوڙھي ماءُ  ۽ گهر ڀاتي سخت پريشان سندس آزادي لاءِ احتجاج ڪندي رهائي جي اپيل ڪئي آهي. 24 ڊسمبر 2017ع تي بدين لڳ ڳوٺ نورمحمد سومرو ديه گاگهڙو مان کنڀي گم ڪيل شادي خان سومرو جو ڪو به پتو نه پيو آھي. هن جي وارثن پيرسن پيءُ محمدسومار، شادي خان جو 10 سالا پٽ سرويچ ۽ چاچو امين سومرو ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو۔ کنڀيل استاد پير سن پي روئيندي پنهنجي پٽ جي بازيابي لاء احتجاج ڪندي ٻڌايو ته رات جي انڌيري ۾ وڏين ويگو گاڏين ۾ سوار اهلڪارن پيرسن پيء ۽ خاندان جو اڪيلو سهارو بڻيل حاضر سروس پرائمري ماستر شادي خان سومرو کي کنڀي کڻي ويا جنهن جو هن مهل تائين ڪو پتو پئجي ناهي سگهيو. هنن چيو ته اسان وس وارن کي پايل ٿا ڪريون کيس آزاد ڪيو وڃي. جيڪڏهن سندس ڪو گناهه آهي ته مٿس ڪيس هلايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو