کريڙي شاخ کي گهارو ، آبپاشي عملدار غائب

ٽنڊوباگو (رپورٽ: ڄام سھيل سمون) ٽنڊوباگو تعلقي جي يونين ڪائونسل ڏاڏاھ ۾ ايل بي او ڊي برانچ کريڙي شاخ کي وڏو گھارو پئجي ويو۔ جنهن کانپوء ڳوٺ ميڻان، گل محمد ڪاڪيپوٽو، اسماعيل ڪاڪيپوٽو، جمن سولنگي، جعفر سولنگي، الهڏنو ڪاڪيپوٽو، عبدالله ملاح، ڏيوومل مينگهواڙ سميت 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جا رهواسي خوف ۾ وڪوڙجي ويا آھن۔ياد رهي ته 2011ع ۾ هنن ساڳين ڳوٺن کي سم ٻوڙيو هو ۽ هن وقت راڄو خاناڻي، ٻڍو قمبراڻي ۽ غلام شاه کان هٿرادو هنيل ڪٽن ۽ گهارن جي پاڻيء سبب کريڙي شاخ کي گھارو پيو آھي۔ ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪٽن سان بند ٻڌڻ جي جستجو ڪري رهيا آهن پر سرڪاري ڪامورو يا چونڊيل نمائندو ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود سرزمين تي ناهي پهتو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو