کجين جي باغ تان جوڻيجن ۾ جهيڙو 10 زخمي 8 گرفتار

خيرپور (ن س) خيرپور ڀرسان کجيءَ جي باغ جي مالڪيءَ تان جوڻيجن جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران3 عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. متاثرن مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعرا هنيا. ڳوٺ خانپور جوڻيجا ۾ کجين جي باغ جي مالڪيءَ تان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن دوران لٺين ۽ ڪهاڙين جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو. جهيڙي کانپوءِ ذوالفقار جوڻيجو، گلبهار جوڻيجو، دلدار جوڻيجو ۽ ٻين قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون، جنهن سبب ڪيتري ئي دير تائين ٽرئفڪ معطل رهي. مظاهرين مخالف ڌُر جا ماڻهو کجين جي باغ ۾ واڍي ڪري رهيا هئا ته سي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس سان گڏ وڃي کين روڪيو، جنهن تان هٿياربندن محمد عالم جوڻيجو، دلبر جوڻيجو ۽ ٻين پوليس اڳيان ڪهاڙيون هڻي اسان جي ماڻهن کي زخمي ڪيو. پوليس ٻنهي ڏرين جي اين سي داخل ڪري چار چار ڄڻا گرفتار ڪري ورتا.

پهنجو تبصرو موڪليو