ڦٽاڪن ڦاڙڻ سبب باگڙين جي گهرن کي باهه، سڀ ڪجهه سڙي رک ٿي ويو

نوشهروفيروز (ڊ ر) شھر جي مھراڻ ڪالوني ۾ ڦٽاڪن ڦاڙڻ دوران باگڙي برادي جي ڪکائن گھرن کي اوچتو باھ لڳي وئي، ڏسندي ئي ڏسندي 5 گھر سڙي رک ٿي ويا. گھرن ۾ پيل ھنڌ، کٽون ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. ھڪ ڪلاڪ تائين باھ ھلندي رھي پاڙي وارا مسلسل انتظاميه کي فون ڪندا رھيا پر ان باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو. ان موقعي تي باگڙي برادري جي ماڻهن صاحبزادي، ببلو باگڙي، ڀاڳچند، پھلو، سيتل ۽ ٻين روئيندي ٻڌايو ته سندن ھر شيءِ ڏسندي ڏسندي رک ٿي وئي آهي. هنن چيو ته قيامت خيز گرمي ۾ معصوم ٻچڙن سان گڏ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، اسان چونڊيل نمائندن ۽ وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان جي مدد ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو