ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي عورت سميت 4 ڄڻا قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ عورت سميت 4 ماڻهو مارجي ويا. لانڍي ۾ يونس چورنگي ويجهو رڪشا ۾ سوار ماڻهن تي فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت سميت 2 ماڻهو مارجي ويا جنهن ۾ عبيد الرحمان، زاهده عمر شامل آهن. پوليس مطابق شروعاتي تحقيقات ۾ واقعو ڦُر دوران مزاحمت ڪرڻ تي ٿيو آهي مقتولا زاهد ٺٽو کان 2 ڏينهن اڳ پنهنجي چاچي جي گهر گهمڻ آئي هئي. ٻئي طرف عائشه منزل وٽ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ سان نوجوان زخمي ٿي پيو جيڪو اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو. پوليس مطابق هٿياربندن پريشاني ۾ پنهنجي موٽرسائيڪل ڇڏي پيادل فرار ٿي ويا موٽرسائيڪل نمبر جي مدد سان جوابدارن جي تلاش جاري آهي. نيو ڪراچي جي لاسي ڳوٺ ۾ به فائرنگ سان هڪ شخص مارجي ويو رپورٽ مطابق مقتول غلام حيدر کي 3 نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو پوليس مطابق فائرنگ جو واقعو رشتيداري واري معاملي تان پيش آيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو