ڦاٿل انڌي ٻلهڻ ريسڪيو بعد وائلڊ لائف پاران سنڌو حوالي

سکر(جئيرام داس ) سکر بئراج ۾ ڦاٿل ناياب نسل جي  انڌي ٻلهڻ کي ريسڪيو ڪري کيس ٻيهر درياءُ ۾ ڇڏيو ويو آهي، وائلڊ لائف جي ڊائريڪٽر عدنان جو چوڻ آهي ته سکر بئراج جي عملي جي اطلاع تي کيرٿر ڪئنال وٽ ننڍي پاڻي ۾ ڦاٿل انڌي ٻلهڻ کي ريسڪيو آپريشن ڪري لينس ڊائون پل وٽ ٻيهر درياءُ ۾ ڇڏيو ويو آهي، وائلڊ لائف جي ڪنزرويٽر مير اختر ٽالپر جو چوڻ هو ته انڌي ٻلهڻ جو وزن 76 ڪلو هو ۽ هو ڳورهاري هئي، ريسڪيو آپريشن دوران انڌي ٻلهڻ کي ڪجهه زخم به رسيا پر محفوظ طريقي سان ٻاهر ڪڍي کيس ٻيهر درياءُ ۾ ڇڏيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو