ڏڪاريل ڏيهه ۾ ملهه جو مقابلو، ماڻهن جون مرڪون موٽي آيون

اسلام ڪوٽ(صادق بجير) ڏڪار متاثر مارو ماڻهن ۾ مرڪون پکيڙڻ لاء ثقافتي راند ملاکڙو شروع، ٿر ۽  سنڌ جي ڀلوڙ  پهلوانن جا هڪ ٻئي کي جانٺا، سوين شوقينن روڪ رقم ۽ هوڪرا ڪري داد ڏنو، ملاکڙي ۾  پهرين  ۽ ٻئين جوڙ جي ملھ پهوانن ملهون ماري خوب داد حاصل ڪيو. انهي سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ جي بس ٽرمينل گرائونڊ تي ملاکڙو ٿي گذريو،جنهن ۾ سنڌ جي مشهور ملھ پهلوانن ساجن مينگھواڙ،پالو ڪيٽين، گيان ڀيل، رجب راهمو، بجو ڀيل، الهڏنو ڏاهري، اسماعيل مڱريو، پرویز خاصخيلي، ملوڪ کوسو، عالم ڪنڀار ۽ ٻين حصو ورتو. پهرين جوڙ جي ملھ پهلوان  پرويز خاصخيلي رجب راهمون کي ملھ ماري ملاکڙي جو مور بڻيو،جڏهن ته ٻئين جوڙ جي گيان ڀيل عالم ڪنڀار کي دسي داد حاصل ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو