ڏکڻ پنجاب نالي سان نئون صوبو ٺاهڻ جو فيصلو ٿي چڪو، قريشي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب نالي نئون صوبو ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جلد سڀني جماعتن کي اعتماد ۾ وٺي بل قومي اسمبلي ۾ پيش ڪري منظور ڪرائينداسين. اهڙو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيل فصلي بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڪجهه دوستن جي راءِ هئي ته نئين صوبي جو هيڊ ڪوارٽر ملتان کي بڻايو وڃي ۽ ڪجهه دوستن جي راءِ بهاولپور کي صوبائي گادي جو شهر بنائڻ بابت هئي. هن چيو ته اهو بعد ۾ طئي ڪيو ويندو پر اصل ڳالهه آهي ته صوبي ٺاهڻ تي اتفاق ٿي چڪو آهي. هن چيو ته اپريل ۾ ايديشنل چيف سيڪريٽر ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڏکڻ پنجاب تعينات ڪيا ويندا. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب کي آبادي جي حساب سان 35 سيڪڙو فنڊز ملندا. ياد رهي ته پنجاب هن وقت 52 سيڪڙو فنڊز وٺي ٿو جيڪڏهن ان مان 35 سيڪڙو ڏکڻ پنجاب کي مليا ته باقي پنجاب کي 17 سيڪڙو فنڊز دستياب هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو