ڏکڻ آفريڪا جي پارليامينٽ کي باهه لڳي وئي

ڪيپ ٽائون(ويب ديسڪ)ڏکڻ آفريقا جي شهر ڪيپ ٽائون ۾ پارليامينٽ هائوس وڏي باهه لڳي وئي آهي. وڊيو فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪارو دونھون جو هڪ ڪڪر ڇائنيل آهي. عمارت جي ڇت مان وڏن شعلن سان باهه نطر اچي رهي آهي.  درجنين فائر فائائيندڙ ماڳ تي باهه وسائن م مصروف آهن. اهو اڃا تائين واضح ناهي ته باهه جو سبب ڇا آهي. اهو پارليامينٽ جي ويجهو سينٽ جارج جي ڪيٿڊرل چرچ ۾ آرڪ بشپ ڊيسمنڊ توتو جي رياستي جنازي جي ڪلاڪن کانپوءِ واقعو پيش آيو آهي. قومي اسمبلي جي ڇت واري علائقي کي باهه لڳي وئي هئي، پبلڪ ورڪس واري وزير پيٽريشيا ڊي ليلي بعد ۾ چيو ته صوبن جي ڪائونسل (پارليمان جي اپر ايوان) جي چيمبر ۾ باهه تي ضابطو آندو ويو آهي، پر قومي اسيمبلي جي عمارت اڃا تائين سڙي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو