ڏکيو وقت گذري ويو هاڻي عوام کي رليف ملندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ سرڪار کي 2 سال پورا ٿيڻ تي وفاقي وزيرن ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ ڪيترين ئي ڏکيائين مان نڪري ويو، هاڻي خوشحالي جو دور شروع ٿي ويو آهي ۽ عوام کي رليف ملندو،  اپوزيشن عوام ۾ مايوسي ۽ افرا تفري پکيڙي رهي آهي، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان نه پاڻ کائيندو آهي ۽ نه ٻين کي کائڻ ڏيندو آهي، وفاقي حڪومت جي اها ڪاميابي آهي جو ترقياتي منصوبا شروع ٿيا ۽ ٽيڪنالوجي جي دُنيا ۾ اهم ڪارناما انجام ڏنا، مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته سندس وزارت ۾ پهريون ڀيرو اي بلنگ شروع ڪئي وئي، مواصلات کاتي ۾ 2 ارب 56 ڪروڙ رُپين جي اوڳاڙي ڪئي وئي، اين اي ايڇ اي جو روينيو 53 مان وڌائي 103 ارب رُپيا ڪيو ويو آهي ۽ سادگي سبب 75 ڪروڙ روپين جي بچت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو