ڏينهن ڏٺي نوجوان قتل، جوابدار پوليس جي اڳين اڳيان فرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) احسن آباد چوڪ ڀر سان سوسائٽي جو چوڪيدار رياض علي چانڊيو جڏھن مجھند جي ماني وٺڻ لاء ھوٽل تي بيٺو ھو ته روڊ جي ٻئي پاسي ڪيفي پياله ھوٽل تي موٽرسائيڪل سوار ھٿيار بندن فائرنگ ڪري رياض علي کي گوليون ھڻي آساني سان فرار ٿي ويا. پوليس موبائيل سميت اھلڪارن هوٽل تي چاءِ پيئندا رهيا۽ ماڻهن جي دانهن باوجود جوابدارن جو پيڇو نه ڪيو. مرحوم ٻن سالن کان ھتي مزدوري ڪندو ھو علاقي واسين ايڌي وارن کي فون ڪري لاش کي عباسي شهيد اسپتال روانو ڪيو ھوڏانهن ٿاڻي تي رابطو ڪرڻ تي پوليس موجب قتل ذاتي دشمني جو ڪارڻ ٿي سگھي ٿو ، جڏھن ان جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو