ڏير ۽ سندس پٽن پاران زمين تي قبضو، عورت تي تشدد

سيٺارجا)سجاد ڪٻر) ڳوٺ قاسم جوڳي ۾ بيواھ عورت مسمات شبيران خاتون جوڳي جي مڙس جي ملڪيت تي سندس ڏير جي پٽن جو10 ايڪڙ زمين ڦٻائڻ لاء قبضو ڪري مسمات شبيران  تي سخت تشدد ڪري ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو. متاثر عورت ٻڌايو ته منهنجو مڙس فوت ٿي ويو آهي جنهن جي ملڪيت تي منهنجي بااثر ڏير ۽ ان جي پٽن ممتاز۽ جمن جوڳي وارن قبضو ڪيو آهي منع ڪرڻ تي منهنجي مٿان سخت تشدد ڪيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته منھنجي زمين تي قبضو  ختم ڪرائي سندن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو