ڏير جي پٽن زمين تي قبضو ڪيو آهي، بيواه جو انصاف لاءِ احتجاج

بلڙي شاهه ڪريم(ذوالقرنين لنڊ) ڏاڏون موري لڳ ڳوٺ چنگي ناڪو جي رهواسڻ مسمات شريفان زال مرحوم شيرو مڱڻھار چيو آهي ته مون بيواه جي زمين تي ڏير جي پٽن قبضو ڪيو آهي ۽ لڏي وڃڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين. پريس ڪلب ۾ پنهنجي معصوم نياڻي سميت هن صحافين کي ٻڏايو ته منهنجو مڙس ڪجهه عرصو پهرين وفات ڪري ويو جنهن جي زمين 4 ايڪڙ 18گهنٽا ديهه سومرڪي تپو ڍنڍي تعلقو بلڙي ۾ واقع آھي جيڪا منهنجي مڙس پنهنجي حياتيء ۾ منهنجي پٽن  حبيب الله ۽ ڪليم الله جي نالي ڪري ويو هو. هن چيو ته زمين جا ڪاغذ پڻ مون وٽ موجود آھن پر منهنجي مڙس جا ڀائيٽا يعني منهنجي ڏير جا پٽ نالي يار محمد ۽غلام شبيرمڱڻھار اسان جي زمين تي قبضو ڪريو ويٺا آھن ۽ اسان کي لڏي وڃڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آھن مسمات شريفان وڌيڪ ٻڌايو ته مذڪوره ماڻھون بااثر آھين ۽ آئون مسڪين بيواه  آھيان منهنجا ٻچڙا صغير آھن ۽ آئون پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪندي آھيان مونکي هنن مٿين ماڻھن مان جان مال ۽ عزت جوخطرو آھي. هن ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان مير ذوالفقار علي ٽالپر ڊي ايس پي بلڙي سيد مجاهد شاھ ۽ ايس ايڇ او ڪاشف عباس خواجه کان پرزورمطالبو ڪيو ته مون مسڪين کي منهنجي حصي جي زمين انهن ظالمن جي قبضي مان آجي ڪرائي ڏني وڃي ۽ انهن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو