ڏيتي ليتي تان جهيڙو 3 سڳا ڀائر قتل هڪ زخمي

چارسده(ويب ڊيسڪ) چارسده جي علائقي ڳڙهي حميد گل ۾ ڏيتي ليتي تان مخالن فائرنگ ڪري ٽن سڳن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته سندن چوٿون ڀاءُ زخمي ٿي پيو. پوليس موجب جوابدارن ۽ مارجي ويل ڀائرن وچ ۾ ڏيتي ليتي جو تڪرار هلندڙ هو، جوابدارن چئن ڀائرن کي گهران سڏي کين سندن گهر اڳيان فائرنگ ڪري گوليون هنيون. پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڀائر ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن ته چوٿون زخمي ٿي پيو، ڪيس داخل ڪري 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو