ڏوهن ۾ ملوٽ ايس ايڇ سميت 5 پوليس اهلڪار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)بدعنوان آفيسرن ۽ اهلڪارن جي خلاف ضلعي سينٽرل پوليس ڪاروائي ڪندي ڏوهن ۾ ملوث ايس ايڇ او ، اي ايس آءِ سميت 5 اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي سينٽرل ملڪ مرتضيٰ چيو ته ايس ايڇ او سميت سمورن عملدارن کي معطل ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو آهي. معطل اهلڪارن خلاف سخت محڪماڻي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي سينٽرل چيو ته 31 مئي تي نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو، اهو ڪيس اقبال عرف حضور بخش خلاف داخل ٿيو، ايف آءِ آر موجب ، ملزم کان 10 ڪلو اعليٰ معيار جي منشيات برآمد ٿي، ان دوران پوليس ۽ منشيات فروشن ۾ ڳٺ جوڙ به سامهون آيو ۽ خبر پئي ته پوليس منشيات وڪرو ڪندڙن سان مليل آهي. ملزم کان منشيات 35 ڪلو برآمد ٿي جڏهن ته ڪيس ۾ 10 ڪلو ظاهر ڪئي وئي. پوليس ڪانسٽيبل کان ايس ايڇ او تائين 20 لک رشوت ورتي وئي جيڪا پوليس اهلڪارن پاڻ ۾ ورهائي کنئي، جن ۾ ايس ايڇ او يونس خٽڪ، اهلڪار وليد، رياض سيال۽ عامر شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو