ڏوهن تي ڪنٽرول ۽ عوامي مسئلا فور حل ڪريو، ڊي آءِ جي

نوابشاھه (اي ڪي ڏاھري)ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل پوليس شهيد بينظيرآباد رينج مظهر نواز شيخ جي صدارت ۾ پوليس ويلفئير ڪميٽي جو اجلاس سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ پوليس اهلڪارن جي ڀلائي بابت مختلف تجويزن تي غور ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد تنوير حسين تنيو،ايس ايس پي سانگهڙ ذيشان شفيق صديقي،ايس ايس پي نوشهروفيرز محمد فاروق شرڪت ڪئي.اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي آئي جي مظهر نواز شيخ چيو ته رينج ۾ ڏوهن جي خاتمي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ايس ايس پيز پنهنجي علائقن ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ ۽ عوام جا جائز مسئلا فوري حل ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻن.ڊي آئي جي مظهر نواز شيخ سڀني ايس ايس پيز کي اھا پڻ هدايت ڪئي ته ايف آئي آر جي مفت رجسٽريشن کي يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته ڪيسن جي انويسٽيگيشن ميرٽ تي شفاف ۽ ايمانداري سان ڪئي وڃي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندڙن خلاف  قانوني ڪاروائي تيز ڪئي وڃي ته جئين ڪوڙن ڪيسن جي داخلا کي روڪي عدالتن ۽ پوليس جو وقت ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجي اجلاس ۾ رٽائرمينٽ جي 65،فوري گرانٽ جي 06 ۽ ميرج گرانٽ جي 15 ڪيسن جي منظوري ڏيندي انهي مد ۾ 27 لک 60 هزار 501 روپيا پوليس کاتي جي ملازمن جي ڀلائي لاءِ تقسيم ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي اجلاس ۾ ڏوهن جي خاتمي بابت رينج جي پوليس آفيسرن پاران کنيل قدمن جو پڻ جائزو ورتو ويو ان موقعي تي اجلاس کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال جنوري ۽ فيبروري  دوران ٽنهي ضلعن ۾ 1157 ايف آئي آرز درج ڪيون ويون جڏهن ته انهي عرصي دوران 2019 ۾ ايف آئي آرز جو تعداد 1405 هو جڏهن ته مختلف ڪيسن ۾ گهربل 2365 ڏوهارين مان 1452 ڏوهارين کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو آهي 100 اشتهاري ڏوهارين ۽ 514 مفرورملزمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آئي جي سنڌ پوليس ۽ ڊي آئي جي شهيد بينظيرآباد  جي خاص هدايتن تي شهيد بينظيرآباد پوليس رينج جي ٽنهي ايس ايس پيز پاران ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف وڏي پيماني تي ڪاروايون جاري آهن ڪاروائين ۾ 2 ڪلاشن ڪوف،33 ريوالور/ڪاربين، هڪ عدد رائيفل، 20 شاٽ گن ۽ 104 پسٽل سميت 207 ڪلو204 گرام چرس،50 گرام آفيم،53 ڪلو900 گرام ڀنگ ۽ 9 هزار 307 ليٽرديسي شراب،449 بوتلون ۽ 89 پوائنٽس شراب جون هٿ ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو