ڏوهاري گينگ جو اهم ڪارندو هٿيارن سميت گرفتار

ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنهور)ڪراچي پوليس بين الصوبائي ڏوهارين جي ٽولي جي اهم جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو،  جوابدار ڦر قتل سميت ڪيترن سنگين نوعيت جي وارڌاتن ۾ نامزد ٿيل آهي. ويسٽ ڪراچي پوليس سرجاني سيڪٽر 51 تيسر ٽائون ۾ بين الصوبائي  ڏوهارين جي ٽولي جي هڪ خطرناڪ جوابدار امداد علي منگي کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ويسٽ سهائي عزيز ٽالپور جو چوڻ آهي ته سماج دشمن ۽  ڏوهارين خلاف ڪاروايون تيز ڪيون ويون آهن،تيسر ٽائون مان امداد منگي نالي انتهائي خطرناڪ ڏوهاري کي گرفتار ڪيو آهي جيڪو اندرون سنڌ سميت مختلف علائقن ۾ ساٿين جي مدد سان رهزني ڊڪيتي جي وارداتن ۾ ملوث هو. هو21 آگسٽ 2021 تي عبدالله گبول ڳوٺ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي دڪاندار سميع الله مهر جي قتل ۾ به ملوث آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو