ڏوهارين خلاف آپريشن لاءِ بلٽ پروف ٻيڙين جو مطالبو

پنوعاقل (ن سنڌ يار) سکر جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن لاءِ ايس ايس پي سکر پاران آءِ جي سنڌ کان بلٽ پروف ٻيڙيون فراهم ڪرڻ جو مطالبو.سکر جي ڪچي باگڙجي، شاهه ٻيلو ۽ الف ڪچو ۾ ڏوھارين خلاف ھلندڙ آپريشن ۾ ڏکيائيون پيش اچڻ تي ايس ايس پي سکر عرفان سمون پاران آءِ جي سنڌ مشتاق مھر کي خط لکي گهٽ ۾ گهٽ 3 بلٽ پروف ٻيڙيون فراهم ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آھي.ان سلسلي ۾ خط ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته سکر جي ڪچي کي لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن جي مختلف ضلعن ڪشمور ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، گھوٽڪي جون حدون لڳن ٿيون، جنھن لاءِ آپريشن لاءِ بلٽ پروف ٻيڙيون گهرجن، درياهه جي ڪچي واري علائقن ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن لاءِ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون، بلٽ پروف ٻيڙين ذريعي ڏوهارين تائين پهچڻ ۾ آساني ٿيندي.ڏوھارين خلاف آپريشن دوران لاڙڪاڻو ريجن ۽ سکر ريجن جي ڪچي ۾ سنڌ پوليس جا ڪيترائي اهلڪار به شهيد ٿي چڪا آهن، درياهه ۾ پاڻي هجڻ سبب پوليس ڏوهارين جي ٿاڪن  تائين نه ٿي پهچي سگهي نه ئي پئٽرولنگ ٿئي ٿي، ڏوهارين طرف ويندڙ پوليس تي جديد هٿيارن سان حملا ٿين ٿا ۽ ڏوھاري ڏوهه ڪري آساني سان درياهه طرف فرار ٿي وڃن ٿا.ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب سکر، گھوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور، خيرپور  ۽ لاڙڪاڻو جي ڪچي واري علائقن ۾ ڪيترائي ڏوھارين جا ٿاڪ آھن، جن وٽ جديد ھٿيار پڻ موجود آھن. ذريعن وٽان اھا به ڄاڻ ملي آهي ته ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪاررواين لاءِ سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي ٻين ايس ايس پيز پڻ بلٽ پروف ٻيڙيون طلب  ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ھاءِ ڪمانڊ کي خط لکي چڪا آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو