ڏهين ڪلاس جو شاگرد اغوا، جنسي تشدد بعد قتل

پيرڳوٺ(ن سنڌيار)ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي ۽ هر روز لاش ملي رهيا آهن. ڳوٺ نور محمد آريجا ۾ ٽن ڏينهن کان گم ٿيل ڏهين ڪلاس جي شاگرد محمد صديق ولد  انعام الله آريجو مبينه طور جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪيو ويو آهي. سندس لاش ڪچي مان هٿ آيو آهي، وارثن پاران وس وارن کي انصاف جي اپيل ڪئي وئي آهي. سندن چوڻ آهي ته پوليس کي اطلاع ڪيو ويو آهي پر هنن ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو