ڏهر واهه مان تشدد ٿيل نامعلوم ماڻهو جو لاش هٿ

اوٻاوڙو (غلام علي رند) ڏهر واھ مان نامعلوم شخص جو تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو آهي. واھ ۾ پاڻي گهٽ ھجڻ ڪري مقامي ماڻھن لاش ڏسي اوٻاوڙو پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن  لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو. فوتي جي چھري تي ڌڪن جا نشان هئڻ ڪري نڪ مان خون نظر اچي رهيو هو . ايس ايڇ او اوٻاوڙو منصور حسين حطار رابطو ڪرن تي ٻڌايو ته فوتي جي سڃاڻپ پون ڪمار طور ٿي آهي وارث پڇوسٽ مارٽم کانسواءِ لاش کڻائي ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو