ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ اڳ ۾ ئي وفاق جي ملڪيت آهن، حڪومت

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ اڳ ۾ ئي وفاق جي ملڪيت آهن، سنڌ جي ملڪيت ناهن. اهڙو اظهار سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ ميري ٽائمز جي وفاقي وزير علي زيدي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. وفاقي وزير علي زيدي چيو ته پورٽ قاسم اٿارٽي ٺهڻ وقت ٻيٽ پورٽ قاسم اٿارٽي جي حدن ۾ اچي ويا هئا ۽ پورٽ وفاقي حڪومت جي ملڪيت آهي تنهنڪري اهي وفاق جي ملڪيت آهن، اُهي ٻيٽ پاڪستان نيوي کي ليز تي به پورٽ قاسم اٿارٽي ڏنا آهن ۽ سنڌ حڪومت جو ان ۾ عمل دخل ناهي.

Photo PID

هن وڌيڪ چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ آئين جي آرٽيڪل 172 موجب رڳو اها زمين صوبي جي ملڪيت آهي، جنهن جو ڪو وارث نه هجي، پر ٻيٽن جي مالڪي اڳ ۾ ئي وفاق وٽ آهي، سنڌ حڪومت کي ان تي سياست نه ڪرڻ گهرجي. گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آهي ته وفاقي سرڪار ٻيٽن تي شهر اڏڻ جو پلان تيار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ذريعي ڏيڍ لک نوڪريون ڏنيون وينديون، 40 کان 50 لک سياح ايندا، 50 ارب رپين جي آمدني ٿيندي، اهي سڀ پيسا سنڌ حڪومت کي ملندا، اسلام آباد ۾ وزيراعظم سان ملاقات بعد پريس ڪانفرنس ڪندي گورنر چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪري ٻيٽن بابت سندن خدشا ختم ڪنداسين، قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪو نه هو، ان ڪري اٿارٽي جو آرڊيننس آڻڻو پيو ۽ اهو آرڊيننس پارليمان مان منظور ڪرايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو