ڏاڍائي بعد قتل ڪيل معصوم جو مک قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ احتجاج

مبارڪپور (محمد عثمان مھر) جنسي ڏاڍائي بعد بيدرديء سان قتل ڪيل معصوم  نينگر جي مک جوابدار جي گرفتاري لاء مبارڪپور ۾ نوجوان ڀٽو اتحاد ۽ سماجي تنظيم FDO ۽ جماعت اسلامي يوٿ جي ڪارڪن پاران مسجد چوڪ، ٺل، ھمايون مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نينگر عطاالله ڀٽو کي 17 جولاء تي 4 جوابدارن پاران جنسي ڏاڍائي ڪرڻ بعد تشدد ڪري قتل ڪيو هو.

مقتول نيننگر جي حياتي جي تصوير، فوٽو سنڌيار

قتل کان پوء نينگر جو لاش شڪارپور جي سنڌ واهه ۾ اڇلايو ويو، جنهن جا 3 جوابدار شڪارپور پوليس گرفتار ڪيا آھن پر ھن وقت تائين مک جوابدار عمران عرف راجا پٺاڻ گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ عادل مهر، آصف ڀٽو، فدا حسين ڀٽو، بهادر ڀٽو، محمود ڀٽو، ممتاز ڀٽو، قربان مهر، نثار مهر، لاهوتي مشتاق ڀٽو ۽ ٻين پاران مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مک جوابدار کي فوري گرفتار ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ اسين ايس ايس پي شڪارپور جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو