ڏاهاڻي قومي ٽيم جي دلين جو پرڏيهي وزير آهي، شاداب

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان شاداب خان گذريل ڏينهن بنگلا ديش جي راڄڌاني ڍاڪا جي شير بنگال اسٽيڊيم ۾ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ ڊيبيو ڪرڻ واري بولر شاهنواز ڏاهاڻي کي ٽيم جو وزير خارجا قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽڻ بعد شاداب خان ٽيم جي تصوير شيئر ڪندي الله پاڪ جو شڪر ۽ مداحن جو شڪريو ادا ڪندي پيغام جاري ڪيو، جنهن ۾ لکيو ته ڏاهاڻي اسانجي دلين جو پرڏيهي وزير آهي.

کيس ڊيبيو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هوڏانهن بنگلاديش جي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان کي ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽڻ بعد ٽرافي نه ڏيڻ بابت جاري سوشل ميڊيا تي بحث بند ڪرڻ لاءِ وضاحت ڪئي آهي ته بورڊ جو چيئرمين موجود نه هو ان ڪري ٽيسٽ سيريز جي خاتمي بعد اها ٽرافي کين ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو