ڏاهاڻي برادري جي عورتن جو ايس ايڇ او خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) ايس ايڇ او تنگواني  عبدالفتاح ڏاهاڻي جي زيادتين خلاف ڏاهاڻي برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو. مائي گل ناز جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو  احتجاجي مظاهري دوران عورتن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏاهاڻي برادري جي  بااثر۽ صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي جي پي اي  فوج علي ڏاهاڻي جي چوڻ تي ايس ايڇ او تنگواني عبدالفتاح ڏاهاڻي اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري 7 ڄڻن کي ناحق گرفتار ڪري ڪوڙو ڪيس داخل ڪري سندس مٿان تشدد ڪيو آھي اڄ وري صبح جو ايس ايڇ او تنگواني عبدالفتاح ڏاهاڻي اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن تي تشدد ڪري گهر جو سڄو سامان کڻي ويو آھي اسان پاڪ ڪتاب کڻي آيا آھيون ايس ايس پي  سان ملڻ لاءِ مگر پوليس وارا اسان کي ايس ايس پي سان ملڻ نٿوڏنو وڃي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو