ڌيئرون ڄمڻ تي تشدد، پٽ ڄمڻ تي بي گهر ڪيو ويو؛افشان

ميرپور ماٿيلو (ظھير وسير) پڙھيل لکيل شخص ڌيئرن جو اولاد ڄڻڻ تي ھڪ سال تائين زال مٿان تشدد ڪندو رهيو ۽ جڏهن پٽ جو اولاد ٿيو ته خوش ٿيڻ بدران زال کي طلاق ڏئي گھران ڪڍي ڇڏيو آهي چنا پاڙي جي رھواسڻ چئن ٻارڙن جي ماءُ مسمات افشان پروين پنهنجي اڳوڻي مڙس جي ظلمن کان تنگ اچي احتجاج ڪندي پريس ڪلب پهتي جتي روزاني سنڌيار ڳالھائيندي مسمات افشان چيو ته سندس اڳوڻو مڙس عبدالغفور چنا ٽن ڌئيرن جي ڄمڻ تي ڪاوڙيل ھو ۽ گذريل ھڪ سال کان کيس تشدد جو نشانو بڻائيندو ھو پر پوءِ به ھڪ پٽ پيدا ٿيو ۽ ھن مونکي طلاق ڏئي ڇڏي آهي. مسمات افشان موجب عبدالغفور چنا ڏھرڪي ۾خوشحال بينڪ جو مئنيجر آهي پڙھيل لکيل ھئڻ باوجود جاھلت جي پيروڪاري ڪندي منهنجي مٿان ظلم جا پھاڙ ڪرائي چڏيا آهن متاثرہ عورت اعليٰ اختيارين کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو