ڌماڪي جو ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي 4 جوابدار باعزت بري

نواب شاھ (اي ڪي ڏاھري) دھشتگرد ٽوڙ عدالت شهيد بينظير آباد جي جج رسول بخش سومرو جي عدالت ڌماڪي ڪيس جو ڏوهه  ثابت نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن زوھيب جمالي، محمد عارف پنھور، ھارون عرف شمن پنھور ۽ نادر ڀنگوار کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. واضح ھجي ته 28 سيپٽمبر 2018 تي شگر مل روڊ جي ڪڻڪ گودامن ڀرسان ڌماڪو ٿيو ھئو جنھن جي ايف آءِ آر بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالرشيد ميمڻ جي فرياد تي گناہ نمبر167 تحت داخل ٿيل ھئي جنھن ۾ قلم 6/7 اي، ٽي، اي ۽3/4 اڪسپلوزر ائڪٽ قلم شامل ڪيا ويا هئا، جڏهن ته جوابدار زوھيب جمالي شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ جنسي حراسمينٽ جو شڪار ٿيل شاگردياڻي فزانا جمالي جو ڀاءُ آهي. فيصلو ٻڌائڻ وقت جوابدار زوھيب جمالي جو والد استاد اعجاز جمالي چاچو اقبال جمالي ۽ ٻيا موجود هئا .ھڪ جوابدار نادر ڀنگوار اٽڪل چئن مھينن کان ضمانت تي ٻاھر ھئو باقي ٽي جوابدار ضلعي جيل شھيد بينظيرآباد نوابشاهه ۾ قيد ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو