ڌاڙيلن ۽ پوليس ۾ مقابلو هڪ اهلڪار شهيد ٻيو زخمي

اوٻاوڙو (رپورٽ غلام علي رند )رونتي جي ڪچي ۾ ڏوهارين ۽ پوليس ۾ مقابلو اي پي سي چين مان گوليون ڪراس ٿيئڻ سبب هڪ پوليس اهلڪار عبدالرحمان شھيد ۽ هڪ پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾فائرنگ جو سلسلو جاري آھي پوليس جي وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي آھي ايس ايس پي گهوٽڪي جو چوڻ آھي ته شھيد ٿيل اهلڪار ۽ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار جو پلاند هر گز معاف نه ڪيو ويندو. گھوٽڪي مان  لالچند موٽواڻي جو چوڻ آهي ته ڪچي جي ڳوٺ الله ڏنو اوڳاھي ۾ پراڻي زميني تڪرار تان اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران عبدالرحمان اوڳاھي مارجي ويو ھيو جنھن ڪيس ۾ گھربل جوابدارن جي گرفتاري لا۽ پوليس ڪاروائي ڪئي ۽ جوابدار حبيب الله اوڳاھي جو مال ڪاھي وڃڻ لڳي ته جوابدارن پنھنجو چوپايو مال ڇڏائڻ لا۽ پوليس مٿان فائرنگ ڪئي جنھن ۾ ھڪ پوليس اھلڪار عبدالرحمان وسير سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو پئي ويو ته ھن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو۔ اھي به اطلاع آھن ته فائرنگ دوران ٻھ ماڻھو ٻيا به زخمي آھن جنھن جي سرڪاري طور تصديق ناھي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو