ڌارين جي آبادڪاري بابت اٿندڙ سوال ۽ منجهيل حڪومتي جواب

ليکڪ  سيد زوار شاهه                         جيڪڏهن هڪ نظر سنڌ جي مسئلن تي وجهنداسين ته اڪثر اهو محسوس ٿيندو ته هو ڄڻ هٿ سان پيدا ڪيا ويا آهن  پر اهو ڪو تسليم نه ڪندو. تازو مسئلو آمريڪا پاران آندل ۽ چمن بارڊر تان ايندڙ افغا پناهگيرن جو آهي. آمريڪا پاران آندلن بابت چيو پيو وڃي ته هو واپس ويندا آمريڪا ڏانهن. ان کانسواءِ جيڪي ڪٽڪ ’قومي مفاد‘ ۾ پيا اچن انهن جو ڇا ٿيندو؟  سنڌ جيڪا ڪڏهن ايتري ته سکي ستابي هئي جو لکين مهمان  ٻين صوبن کان اچي سنڌ م رهائش پذير ٿيا جن  کي سنڌ جي ڌرتي ايترو ته پيار ڏنو جو هو هن وقت سنڌ ۾ بهترين ادارن م ڪم ڪرڻ سان گڏ سنڌ مٿان حاڪميت جي ڳالهه به ڪري رهيا آهن پر سنڌ جنهن سيني ۾ ڌارين کي پنهنجو سمجهي انهن کي جيء ۾ جايون ڏنيون پر افسوس  ڇا ٿو ڪري سگهجي ، هن وقت اهي ئي سنڌ جا ويري سنڌ ڌڻين مٿان حمله ڪري سنڌ جي ڌرتي مٿان قبضا ڪري سنڌ مٿان سنڌ جي عوام مٿان قابض آهن ، سنڌ جنهن سدائين هڪ ئي سياسي وپارٽي کي ووٽ ڪاسٽ ڪيو آهي ان م به ڪو شڪ ناهي ته جن جن کي به ووٽ ڪاسٽ ڪيوسين انهن ئي هٿن ۾ تلوارون کڻي اسان اسان يج سيني ۾ هنيون آهن اهي زخم خشڪ ٿيا ئي ناهين ته وري  افغانستان م  طالبان جي قائم ٿيل حڪومت بعد اتان جو عوام خوف منجهان پنهنجاگهر ڇڏي  سنڌ ڏانهن ڪاه پيا ڪن  ، اسان ته اهو محسوس ڪيون پيا ته سنڌ سدائين سورن م رهندي سنڌ سدائين تڪليفن ۾ رهندي ، هاڻ  افغان  سنڌ ۾ آباد ٿي رهيا آهن وڏي پلاننگ سان هو ننڊا ننڊا ٽوله جوڙي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مٽن مائٽن ۾ رهن پيا ، جنهن تي سنڌ پسندن کي ته ھڻتي ضرور هوندي ، جڏهن ته سنڌ جا سياستدان جيڪي سنڌ سان پيار محبت جو اظهار ته ڪن ٿا پر ڪڙي حقيقت اها اهي ته  انهن سنڌ جي عوام جي خدمت ڪئي ئي ناهي جيڪو ڪڙو سچ آهي ، مان پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعلي قيادت سميت قوم پرستن کي عرض به ڪندس ته سوال به پڇندس ته پهريان کان لکين افغاني سنڌ اندر رهي رهيا آهن جڏهن ته  جيڪي  نوان اچن پيا اهي به لکن ۾ هوندا عالمي دنيا  پاڪستان جي ته مدد ڪري رهي آهي پر سنڌ جي نه ، سنڌ حڪومت وقت ايترا وسائل ناهين جو هو  انهن جي پوگهور لهي سگهي ، سنڌ م بيروزگاري هجي يا  امن امان جو مسئلو اهو به بدحالي جي ڪري سنڌ ۾ ٿي رهيو آي هاڻ به جيڪڏهن هن مسئلي تي گڏ نه ٿيا سين ته پوء هن سنڌ جو الله واهي آهي ان ڪري هڪ ٿيڻو پوندو جيڪو مان سمجهان ٿو ته ممڪن ئي ناهي ، جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعلي قيادت سنڌ جي دوري تي نڪتل آهي ، جڏهن ته صحافين سميت سمج سڌارڪ عوام سجاڳ آهي هو انهن کان افغانين جي آبادگاري لاء سوال پڇي رهيا آهن جنهن تي به قيادت وڏي تڪليف سان جواب ڏيئي رهيا آهن  جڏهن ته  گذريل ٻه ڏينهن اڳ چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽوزرداري سنڌ جي طوفاني دوري دوران پير گهراڻي سان تعلق رکندڙ سدائين مخالفين کي اليڪشن ۾ عبرت ناڪ شڪست ڏيندڙ  ايم اين اي پير سيد فضل علي شاه جيلاني ، ايم پي اي نوجوان سياستدان پير سيد احمد رضا شاه جيلاني  ۽ المعرف پيار سائين سان سندس ئي رهائش گاهه جيلاني هائوس راڻيپور پهچي والده ، ڀاڄائي ، ڀائٽي جي انتقال تي تعذيت ڪئي هئي جنهن بعد صحافين سان بنا ڪنهن ڳالهه ٻول جي هو روانه ٿي ويا ، اهڙي رويئي کان بعد سوشل ميڊيا پرنٽ ميڊيا ، اليڪٽرانڪ ميڊيا  تي چيئرمين پ پ پ ۽ پارٽي قيادت مٿان تنقيد ٿي ، جنهن بعد  سنڌ جو وڏو سائين سيد مراد علي شاه پڻ جيلاني هائوس راڻيپور تي  آگسٽ 2021ع:  تي پهتا جتي  ايم اين اي پير سيد فضل علي شاه جيلاني ، ايم پي اي پير سيد احمد رضا شاه جيلاني سان  وڏي ڀاء مرحوم پير سيد ممد رفيق شاه جيلاني جي انتقال تي دعاء مغفرت گهري  جڏهن ته  راڻيپور پريس ڪلب ، سٽي پريس ڪلب ، نيشنل پريس ڪلب انٽرنيشنل پريس ڪلب جي صحافين  بنا ڪنهن انتظار جي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  کي ميڊيا ٽاڪ لاء چيو  جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو آهي ته پاڻيءَ جي کوٽ باوجود چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند وهائڻ سنڌ واسين سان سخت زيادتي آهي آواز اٿاريندارهنداسين، درياهن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ضرور آهي پر موجود پاڻيءَ جي ورڇ برابريءَ جي بنياد تي ڪري سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن بحران کان بچي سگهجي  رانيپور ني صحافين افعانين جي سنڌ ۾ آبادڪاري بابت سوال پڇيو جنهن تي سنڌ جي سائين چيو ته مونکي اها خبر ناهي ته اهڙيون خبرون توهان کي ڪٿان ملي رهيون آهيان جيڪي توهان هلائي رهيا آهيو اهڙي ڪا ڳالهه ناهي نه ئي سنڌ ۾ هاڻوڪي صورت حال م افعانين کي سنڌ م آباد ڪيو ويندو ، جڏهن ته مان سنڌ جي حقن لاء وفق سان سياسي جنگ وڙهي رهيو آهيان ، وفاق سدائين سنڌ مٿان سياسي حمله ڪيا آهن اعلانيل رقم به نه پئي ڏني وڃي ، صحافين ڪيترائي سوال پڇيا جن تي هن وڌيڪ چيو ته اسان جي پارٽي سنڌ جي بقا لاء اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي . ڪو تسليم ڪري يا نه ڪري ، اسان ايم اين اي پير سيد فضل علي شاه جي تڪ لاء ڏيڊ ارب  رويپا پڻ ڏنو آهي اڃان به ڏيندا سين  جيئن تڪ اندر ترقياتي ڪم ڪرائي عوام جا مسئلا حل ڪيا وڃن  جڏهن  ان موقعي تي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، صلاحڪار امتياز احمد شيخ، ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه جيلاني، صوبائي صلاحڪار نواب خان وساڻ، ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر، ڊي آءِ جي سکر فداحسين مستوئي، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور راجا طارق چانڊيو، ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ  ۽ ٻيا پڻ موجود هئا ، جڏهن ته  وقت جي ڪمي هئڻ ڪري ڪيترن ئي صحافين جي پڇيل سوالن جا جواب نه ملي سگهيا   وائيس آف راڻيپور جي اڳواڻن علي امداد لاڙڪ ، ڊاڪٽر نظير کوکر آصف علي شر منٺار ڊومڪي  ، معروف سرڪي ، الفت سهتو ، عامر خان مهيسر علي رضا سرڪي آصف علي ڄامڙو ، امتياز سولنگي ۽ بين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن  کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي  جتي ريلي جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته  سنڌ يتيم خانو ناهي ، سنڌ سنڌين جي ملڪيت آهي سنڌ جي مٿان سياسي حمله هجن ، سنڌ مٿان قبضا مافيه هجي يا سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري سنڌ کي وڌيڪ ڪنڪال بنائڻ جي سازش هجي ، هر گز برداشت نه ڪندسين انهن وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر هاڻ به سنڌ حڪومت افغانين کي آباد ڪرڻ لاء پلاننگ ڪري رهي آهي جيڪا ڪنهن صورت برداست نه ڪئي ويندي ، جڏهن ته وفاق پاران  خاص سنڌين کي نوڪرين مان  ڪڍيو ٿو وڃي ان خلاف به سنڌ جو باشعور عوام سراپا احتجاج آهي ،  جيڪڏهن هاڻ به سنڌ ۾ ٿيندڙ عوام سان زيادتين بابت  افغانين جي آبادگاري جي خلاف سنڌ احتجاج نه ڪيا سنڌ جي عوام اک نه پٽي ته پوء هن سنڌ جو به الله واهي آهي رهي ڳالهه سياستدانن جي ته هو عوام جو رت پي پي اربين روپين جي ڪرپشن ڪري  ڪنهن برطانيه يا آمريڪه ، ملائيشيا جهڙي ملڪ ڏانهن اڏام ڪري وڃي ڪو ڌنڌو ڪندا ، ان ڪري سنڌ سنڌين جي آهي سنڌ جي سرزمين جي حفاظت ڪرن اسان يج زميواري آهي اهو ان ڪري جو سنڌ ڌرتي پاليو .آهي سنڌ ڌرتي عزت بخشي آهي  سنڌ ڌرتي کي امڙ جيجل جهڙي حيثيت آهي zawarsaeen110@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو