ڊکڻ لڳ ٻن ڌرين ۾ زمين تان جهيڙو، نوجوان قتل

ڳڙھي ياسين(ن س) ڳوٺ پير چنڊام ۾ جتوئي ۽ ٻوھيڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان ھلندڙ تڪرار تان 12 ورھين جو نينگر سعود پٽ شمن ٻوھيڙو گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو اطلاع تي ڊکڻ پوليس مارجي ويل نينگر جو لاش کڻائي مدئجي اسپتال آندو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي ٻوھيڙا برادري ڌر ٻڌايو ته  اسان زمين ۾ ڪم ڪري رھيا ھئاسين ته جتوئي ڌر جي ھٿياربندن اسان مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ اسان جو نينگر مارجي ويو ۽ ھٿياربند فرار ٿي ويا جڏھن ته جتوئي ڌر جي درياھ خان جتوئي ٻڌايو ته اسان حملو ناھي ڪيو خبر ناھي ته ٻوھيڙو ڌر جو نينگر ڪئين مارجي ويو آ ھن چيو ته ٻوھيڙا برادري اسان جي 3 جريب زمين تي قبضو ڪيو آھي جنھن جو 5 ڏيھن اڳ  فيصلو به ٿي چڪو  آھي ٻوھيڙا برادري نينگر جي قتل جو ڊرامو رچائي اسان مٿان ڪوڙو الزام لڳايو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو