ڊي سي کي جيل موڪلڻ جو فيصلو ڏيندڙ جج تي وڪيلن جو حملو

منڊي بهاءُ الدين(ويب ڊيسڪ)ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي سزا ٻڌائيندڙ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي وڪيلن پاران عدالت ۾ مبينا تشدد ڪيو ويو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج رائو عبدالجبار جي فرياد تي پوليس ٿاڻي سول لائن ۾ وڪيلن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سيشن جج درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته وڪيل سندس ڪمري ۾ داخل ٿيا ۽ ڌمڪيون ڏنيون. عدالتي فيصلي موجب ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊي پي او کي او ايس ڊي بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ڊي ايس پي کي به عهدي تان هٽايو ويو آهي، ڪيس ۾ ٽنهي آفيسرن کي نامزد ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته سيشن جج منڊي بهاءُ الدين جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي توهين عدالت ڪيس ۾ ٽن مهينن لاءِ جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو