ڊي سي جي ٺيڪدارن کي ڇنڊ، روڊ ٻيهر ڪارپٽ

ميرپور ماٿيلو (ظھير وسير)ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم مختلف ترقياتي اسڪيمن جي دوري دوران سرحد کان مومل جي ماڙي ويندڙ روڊ جي تعمير ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي روڊ کي ٻيهر ڪارپيٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جنهن بعد اٽڪل 6 ڪلوميٽر روڊ کي ٻيهر ڪارپيٽ ڪرڻ وارو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف هن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ڀرسان عمارت جي تعميري ڪم تي پڻ عدم اطمينان جو اظهار ڪندي پراونشنل بلڊنگ سکر جي ايس ڊي او آفتاب انصاري سميت لاڳاپيل انجيئر کي ايڪسپلينيشن ڏيڻ ۽ ٺيڪيدار روي ڪمار کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ترقياتي اسڪيمن ۾ غيرمعياري مٽيريل استعمال ڪري عوام کي تڪليف پهچائيندڙ ٺيڪيدارن توڙي لاڳاپيل انجنيئرن کي بخش نه ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو