ڊي سي جو بچاءَ بندن جو دورو، حفاظتي اپائن جو جائزو

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)ڊپٽي ڪمشنر احمد علي قريشي زيرو پوائنٽ بند کان بهارو بند جو اوچتو هنگامي دورو ڪري بچاءُ بندن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو، هن آبپاشي جي انجنيئرن کي حفاظتي بندن کي مضبوط ڪرڻ جي هدايت ڪئي. امڪاني ٻوڏ کان بچاءِ لاءِ سمورن حفاظتي اپائن تي جلد ڪم مڪمل ڪرڻ ۽ فلڊ رليف آپريشن جي ڀرپور تياري جون هدايتون جاري ڪيون ۽ چيو ته سنڌو درياءَ جي بندن تي قائم اڏاوتن ۽ رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته گذريل ٻوڏ جي تباهه ڪارين کي نظر ۾ رکندي موثر ۽ بهتر حڪمت عملي جوڙي ڪم شروع ڪيو وڃي ان ۾ ڪنهن به قسم جي سستي ۽ لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر خيرپور حساس الرا جاگير بند تي پهچي آبپاشي کاتي پاران پاڻي جي دٻاءَ کي گھٽائڻ ۽ ڊائيورٽ ڪرڻ لاءِ  ايپرن، اسٽون پچنگ ۽ اسپرس جي مرمت جي ڪم جو معائنو پڻ ڪيو.

Photo Sindhyar

ان موقعي تي آبپاشي کاتي خيرپور ويسٽ ڊويزن جو ايڪسيئن  محمد يونس ڊومڪي ۽ ٻئي عملي پاران کيس تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته الرا جاگير بند 5 ۽ 6 ميل تي ايپرن، اسٽون پچنگ سميت سمورن اسپرس جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جيڪي ايندڙ پاڻي کي ڊائيورٽ ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن، بندن کي ايپرن ڏيڻ ۽ اسٽون پچنگ ڪرڻ ڪري آس پاس جا ڳوٺ نقصان کان بچائي سگھبا. دوري دوران وچ بندن تي قائم پوليس چوڪين بابت ٻڌايو ويو ته هنن چوڪين جي ڪري مشينري، ڊمپر، لوڊر ۽ ٻئي آبپاشي جي سامان جي اچ وڃ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي جڏهن ته ساڳي تڪليف ٻوڏ جي دوران به ممڪن ٿي سگھي ٿي  جنهن تي ڊي سي خيرپور آبپاشي جي انجنيئرن کي يقين ڏياريندي چيو ته وچ بندن تي قائم پوليس چوڪين کي ختم ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي سان ڳالهائي مسئلي کي حل ڪيو ويندو. ڊي سي خيرپور احمد علي قريشي پاران حساس قرار ڏنل بهارو بند تي پهچي بند جو جائزو ورتو جتي ڳوٺاڻن پاران شڪايت ڪئي وئي ته هي تمام وڏي کاهي آهي جنهن ۾ 2010 واري ٻوڏ جو پاڻي هن مهل تائين سڪي نه سگھيو آهي جنهن کي آبپاشي کاتي هن مهل تائين سيريس نه ورتو آهي جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 10 سال گذرڻ باوجود ان تي ڪم ڇو نه ڪيو ويو آهي ان لاءِ ڇا حڪمت عملي جوڙي وئي آهي؟ تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي ته ٻوڏ اچڻ دوران ڀرپاسي وارن سوين ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ ڇا پلاننگ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ضلعي اندر ڪمزور بندن جي مضبوطي وارو ڪم ڏينهن رات جاري رکي مڪمل ڪيو وڃي سيپيج وارين جاين جو خاص خيال رکيو وڃي. هن چيو ته مسلسل امڪاني برساتن جي دوران 24 ڪلاڪ چوڪسي وڌائي وڃي  جڏهن ته ٻوڏ جي صورت ۾ ڪچي جي ماڻهن کي فوري طور تي منتقل ڪرڻ جي انتظامن کي پڻ حتمي شڪل ڏني وڃي، پاڻي جي وڌندڙ صورتحال تي ڌيان رکيو وڃي ۽ ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال جو جلد  ڊي سي آفيس کي اطلاع ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو