ڊي سي بي سهارا ٻارڙن سان گڏ عيد ملهائي، تحفا ۽ مٺائي ورهائي

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)ڊپٽي ڪمشنر احمد علي قريشي پاران ايس او ايس وليج جو دورو ڪري عيد جو ڏهاڙو يتيم ٻارڙن سان گذاريو، ٻارڙن ۾ سوکڙيون ،تحفه ۽ مٺايون تقسيم ڪيون. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور چيو ته هي اسان جي مستقبل جا معمار آهن ۽ اسين هنن جا وارث آهيون هنن ٻارن جي تعليم ، تربيت ۽ مختلف ضرورتن جي سلسلي ۾ هر ممڪن سهڪار جاري رکيو ويندو ۽ هنن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته سڀ ٻار هڪ جيتري حيثيت ۽ اهميت رکن ٿا انهن جا حق به هڪجهڙا آهن انهن ٻارن کي بهتر تعليم ۽ تربيت جو ماحول فراهم ڪري انهن جي روشن مستقبل جي راهه هموار ڪري سگهجي ٿي. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي هنن ٻارن سان وقت گذارڻ جو مقصد هنن ٻارن سان ملڻ ، پيار ڪرڻ، هنن مان مايوسي ختم ڪرڻ ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪرڻ آهي ۽ سندن مسئلا ۽ ضرورتون معلوم ڪرڻ آهي. ڊي سي، ايس او ايس وليج انتظاميه کان ايس او ايس وليج ۾ موجود ٻارڙن جي تعليم، تربيت، کاڌ خوراڪ، رهائش ۽ صفائي سٿرائي بابت ڄاڻ حاصل ڪئي. ان موقعي تي ڊي ايڇ او خيرپور محمد حسين ابڙو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪاشف علي قريشي ۽ ٻيا عملدار موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو