ڊي سي بدين تشدد معاملو، ناريجا برادري جو احتجاج،انصاف ڪريو

خيرپور ناٿن شاھ (وفا معشوق علي کوکر)حيدرآباد ۾ ڊي سي بدين پاران مبينه طورنشي جي حالت ۾ زخمي ڪيل نوجوان مسرور ناريجو ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرائڻ واري عمل خلاف ناريجا برادري ۽ يوسي مٺو ٻٻر واسين احتجاج ڪيو. ڳوٺ مٺو ٻٻر واسين ضمير ناريجو ، عبدالستار ٻٻر ، ارشاد ناريجو ، سهيل ڪورائي ، دين محمد سومرو ، اعجاز ناريجو ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته حيدرآباد ۾ ڊي سي بدين حفيظ سيال ۽ سندس ڀاءُ پ پ اڳواڻ اظھر سيال پاران نشي جي حالت ۾ ڌت ٿي پ پ اڳواڻ عبدالستار ناريجو ، صداقت علي خان ناريجو جي ڀاڻج مسرور ناريجو مٿان مبينا وحشياڻو تشدد ڪري زخمي ڪيو ، ڀٽائي نگر پوليس زخمي نوجوان کان ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڊي سي جي ونگار وهندي  نوجوان مسرور ناريجو سندس مامن ممتاز ناريجو، ظفر ناريجو، صداقت ناريجو، فيصل ناريجو، عقيل ڪوريجو ۽ جنيد ڪوريجو سميت ستن ڄڻن تي دهشتگردي جا قلم لڳائي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي هنن چيو ته تشدد به اسن تي ٿيو ۽ ڪيس به اسان خلاف ٿيو داخل ڪرڻ ناجائزي آهي. جنهن جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيون ٿا ته واقعي جو نوٽيس وٺي صاف شفاف انڪوائري ڪرائي نوجوان ۽ ناريجا برادري سان انصاف ڪندي ڪيس خارج ڪري ڊي سي ۽ سندس ڀاءُ خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو