ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي سميت فوج ۾ اهم تبديليون

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) ليفيٽننٽ جنرل نديم احمد انجم کي نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويوآهي،  پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطح تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آھن، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تھ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم کي ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو آھي. جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد کي ڪراچي جو نئون ڪور ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو آھي. ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي تي ڪم ڪندڙ جنرل فيض حميد کي پشاور جو نئون ڪور ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو آهي. ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود کي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. ميجر جنرل عاصم ملڪ کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏئي جي ايڇ ڪيو ۾ ايڊجوٽنٽ جنرل لڳايو ويو آهي. ليفٽيننٽ جنرل محمد عٿامر کي گجرانوالا جو ڪورڪمانڊر مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي جي ايڇ ڪيو ۾ ڪوارٽرماسٽر جنرل لڳايو ويو آهي. ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري وزيراعظم آرمي چيف جي صلاح سان ڪندو آهي. نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم احمد انجم 2019 ۾ ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي پروموٽ ٿيو هو. 78هين پي ايم اي لانگ ڪورس ۾ ڪميشن حاصل ڪندڙ مسٽر انجم آءِ جي ايف سي ۽ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪالج ڪوئٽا جو سربراه به رهي چڪو آهي.برطانيا جي رائل ڪالج مان ڊفينس اسٽديز ۾ گريجوئيشن حاصل ڪندڙ نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ گجر خان جو آهي. جنرل فيض حميد 16 جون 2019 تي ڊي جي آءِ ايس آءِ بڻيو هو ، سندس نالو مشهور ان وقت ٿيو جڏهن هن فيض آباد ڌرڻي ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان 2017 ۾ معاهدو ڪيو ۽ گارنٽيئر بڻيو هو ۽ پيسا ورهايا هئا. سندس نالو نئين آرمي چيف طور به ورتو پيو وڃي ۽ ان لاءِ فوجي روايت موجب ڪور ڪمانڊر رهڻ ضروري آهي، ڊي جي آءِ ايس آءِ جو مدو 3 سال هوندو آهي پر هو تقريبن 4 مهينا وڌيڪ رهيو ڇو ته افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ بعد خطي جي صورتحال اهم هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو