ڊي ايڇ اي، ڪمانڊر ۽ بحريا ٽائون سنڌ لاءِ اسرائيل آهي، خاصخيلي

ملير(ن سنڌيار)بحريا ٽائون ذريعي سنڌ ۾ نئون اسرائيل ٺاهڻ جي سازش، سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ دهشتگردن کي سنڌ جا شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ سميت سمورن سنڌ دشمن منصوبن خلاف عوامي تحريڪ طرفان رزاق آباد ۾ “ملير بچايو سنڌ بچايو ڪانفرنس” منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ هزارين ماڻهن شريڪ ٿي سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪيو. ملير بچايو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي چيو ته هڪ منظم سازش تحت سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ قديم سنڌي آبادين کي پڪو ڪرڻ بدران بلڊوز ڪيو پيو وڃي. پوري دنيا ۾ نيون ڪالونيون اصلوڪن ڌرتي ڌڻين کي گهر ڏيڻ لاء ٺاهيون وينديون آهن پر سنڌ ۾ بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ڪمانڊر سٽي ۽ ذوالفقار آباد سميت سموريون رهائشي اسڪيمون سنڌين کي لڏائي پرڏيهين کي آباد ڪرائڻ لاءِ ٺاهيون ويون آهن. ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي کي سنڌ جي غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي گهر ٺاهڻ لاءِ زمين ڏني وئي پر ايم ڊي اي انتظاميا سنڌ حڪومت سان ملي ڀڳت ڪري غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي لاءِ مليل زمين ملڪ رياض جهڙن قبضاگيرن کي ڀڳڙن مٺ عيوض ڏئي ڇڏي. سنڌ حڪومت سنڌ جي بي زمين هارين ۽ مزدورن کي هڪ ويسو به زمين جو نه ڏنو الٽو ڪراچي ۾ آباد سنڌين جا قديم ڳوٺ ڊاهي، ڳوٺاڻن کي لڏائي انهن جي زمين ملڪ رياض جهڙن قبضاگيرن جي حوالي ڪري رهي آهي. سنڌ حڪومت جي قبضاگيرن جي سرپرستي جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ٿا ڪريون. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌ حڪومت طرفان سنڌي عوام تي ڪيل ڪوڙا ڪيس عدالت مان رد ٿيڻ سنڌي عوام جي ڪاميابي آهي. بحرياٽائون متعلق سپريم ڪورٽ جي عملداري بينچ جي فيصلي کي غيرقانوني قرار ڏيندي هن چيو ته نه فقط پاڪستان ۾ پر دنيا ۾ اهڙو مثال ملڻ مشڪل آهي ته سپريم ڪورٽ طرفان ڪيل فيصلي تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ جوڙيل بيئنچ سپريم ڪورٽ طرفان ڪيل اصل فيصلي جي ابتڙ ٻيو نئون پنهنجي طرفان فيصلو ڏيئي ڇڏيو. هن چيو ته اهو فيصلو عدالتي تاريخ ۾ مختلف وقتن تي عدالتن طرفان مليل بدترين فيصلن مان هڪڙو فيصلو آهي جيڪڏهن ان فيصلي ۾ درستگي نه ڪئي وئي مصلحت پسندي سبب اهو لاڳو ڪيو ويو ته ان جا ايندڙ دور ۾ عام طرح انتهائي برا نتيجا نڪرندا ۽ خاص ڪري سنڌ پنهنجن سمورن وسيلن ۽ اثاثن کان محروم ٿي ويندي.

Photo Sindhyar

هن چيو ته  عوامي تحريڪ عملداري بينچ جي اهڙي غير آئيني ۽ غير قانوني فيصلي ۽ حڪمرانن طرفان ٿيندڙ ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي خلاف ۽ سنڌ جي وسيلن جي حفاظت لاء جدوجهد جاري رکندي. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وجود ۽ وسيلن جي بچاءُ جي هن جدوجهد ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو چيو ته ادا رسول بخش پليجو سدائين سنڌ کي سنڌ دشمن سازشن کان آگاهه ڪندو هو. ان جي فڪر تي هلندڙ پارٽي عوامي تحريڪ ان روايت کي برقرار رکيو آهي جنهن تي اسان سڀني کي فخر آهي ته اسين ادا رسول بخش پليجي جي فڪر تي هلندڙ پارٽي جو حصو آهيون. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن، ڌاري آبادڪاري ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضن کي رسول بخش پليجي صاحب سنڌ جي سڀ کان اهم مسئلن مان هڪ مسئلو سمجهيو ۽ انهن سنڌ دشمن رٿائن خلاف سموري حياتي جدوجهد ڪئي. عوامي تحريڪ ان تسلسل کي برقرار رکيون پئي اچي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري چيو ته سنڌياڻي تحريڪ سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف ڀرپور جدوجهد ڪندي. 4 آڪٽوبر 2020ع تي ٻيٽن تي قبضن خلاف عوامي تحريڪ طرفان ڪراچي ۾ لکين ماڻهن جي نڪتل احتجاجي ريلي ۾ سنڌياڻي تحريڪ وڏي انگ ۾ شامل ٿي ۽ اڄوڪي ڪانفرنس ۾ به سنڌياڻين وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي ثابت ڪيو آهي ته فڪر رسول بخش پليجو جي روشني ۾ هلندڙ تنظيم عوامي تحريڪ جي اڳواڻي ۾ سنڌ جون عورتون پنهنجن وسيلن لاء جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار آهن. سنڌي عوام کي پنهنجي حقن لاءِ ٿيندڙ پرامن عوامي جدوجهد کي تيز ڪرڻ لاءِ عورتن کي سياست ۾ آڻڻو پوندو. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر عمراهه سمون چيو ته عوامي تحريڪ سنڌ دشمن منصوبن خلاف سدائين جدوجهد جي ميدان ۾ رهي آهي. سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ سڀ کان پهريان ٻيٽن خلاف جدوجهد ڪري سموري سنڌ جاڳائي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ واري وفاق ۽ پيپلز پارٽي جي سنڌ دشمن منصوبي کي مٽي ۾ ملايو ۽ هاڻي به سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف جدوجهد جاري رکنداسين. اڄوڪي عظيم الشان ڪانفرنس منعقدد ڪرڻ تي عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي ڀائرن ۽ ۽ ڀينرن کي آءُ مبارڪ آباد ٿي ڏيان. ناليواري اديب گل حسن ڪلمتي چيو ته ملير جي زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت جي سهڪار سان بلڊر مافيا طرفان ماڻهن جا گهر گهاٽ ڊاٺا پيا وڃن جنهن جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي صدر رستم ميراڻي چيو ته ايئن لڳي رهيو آهي ته ملڪي حڪمران سنڌ کي اها سزا ڏيئي رهيا آهن ته سڀ کان پهرين سنڌ صوبي پاڪستان جي حق ۾ قراداد پاس ڪئي، پاڪستان جو باني قائد اعظم محمد علي جناح سنڌ ڄائو هو. هن چيو ته عوامي تحريڪ سنڌي قوم پاران وفاقي ۽ صوبائي حڪومت، سينيٽ، قومي اسيمبلي، ملڪي اعليٰ عدالتن ۽ سمورن رياستي ادارن وٽ هي فرياد ٿي ڪري ته هڪ منظم رٿابنديءَ تحت پنج هزار سالن جي تاريخ ۽ تهذيب رکندڙ قوم کي ڌرتي تان ميسارڻ لاءِ ڏاڪي به ڏاڪي عمل ٿي رهيو آهي.  سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاهه چيو ته ملير جون زمينون هتان جي اصلوڪن رهاڪن کان زوري زبدستي ڦريون پيون وڃن. سماجي اڳواڻ سهيل ڄاموٽ چيو ته ملير جي زمينن تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. ڪانفرنس کي سنڌي مزدور تحريڪ ضلعي ملير جي صدر ستار گوپانگ، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ مريم گوپانگ، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اقبال جروار، عوامي تحريڪ ضلعي ملير صدر ايڊووڪيٽ رستم ميراڻي، عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي نائب صدر علي محمد بلوچ، سجاڳ ٻار تحريڪ مرڪزي جنرل سيڪريٽري داضل کوسو، سنڌي شاگرد تحريڪ اڳواڻ نويد عباس ڪلهوڙو، زبير نوناري ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي ٺهراءَ به منظور ڪيا ويا

پهنجو تبصرو موڪليو