ڊي ايس پي جي ڳوٺ تي چڙهائي، شهرين جو احتجاج

مانجهند(مهراڻ عمراڻي)خاڻوٺ پوليس جي ڊي ايس پي الطاف آرائين جي پوليس اٽالن سان ڳوٺ شھمير خان دائيداڻو ۾ چڙھائي ڪري هلندڙ ھوٽلون ۽ ٻيو ڪاروبار بند ڪرائي دڪاندارن کي ڪيس داخل ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏئي روانو ٿي ويو اهڙي عمل خلاف ڳوٺاڻن نظام الدين دائيداڻو اڳوڻو يوسي ناظم خاڻوٺ راهو خان دائيداڻو علي شير دائيداڻو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي  ڊي ايس پي خاڻوٺ کي هٽائڻ لاء ڇتي نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پلاٽ تان سندن ئي  برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ ھو جنهن ۾  2 سال اڳ معززين وچ ۾ پئي فيصلو ڪري پلاٽ کين ڏياري  مسئلو حل ڪيو جنهن پلاٽ تي ڪيترائي دڪان به تعمير ڪيا اٿئون پر ٻن سالن کان پوء اچانڪ ڊي ايس پي ٻي ڌر کان لکين روپيا مبينا رشوت وٺي زبردستي قبضو ڪرائڻ چاهي ٿو جڏهن ته قانوني طور سول معاملو آھي پر ڊي ايس پي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي ڪوڙن ڪيسن جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي هنن وڌيڪ چيو ته ڊي ايس پي جي هوٽلون بند ڪرائڻ سبب کير ۽ سامان خراب ٿي ويو جڏهن ته دڪانن مان سامان پڻ اڇلائي ڇڏيو جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺاڻا مسواڙي بي روزگار ٿي ويا آھن  هنن آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ڊي ايس پي خاڻوٺ کي هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو